Book Name:Dil Par Muhar Lagnay Ke Asbab
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ کان اڳ ۾ اسان قرآن ڪريم جي ترتيب مطابق قرآني بيان ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪري رهيا هئاسين، اڄ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! اسان ٻيهر انهيءَ ئي ترتيب سان قرآني بيانن جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون. اسان سپارو: 1، سورت بقره جي آيت: 6 ۽ 7 ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪيو آهي.
انهن کان پهريان وارين آيتن ۾ انهن ماڻهن جو ذڪر ٿيو، جيڪي قرآن ڪريم جي هدايت قبول ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن. اهي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ الله پاڪ فرمايو:
ھُدًی لِّلْمُتَّقِیْنَ ۙ(۲)
(پارو :1، سوره بقره : 2)
ترجموڪنزالعرفان: ان ۾ ڊڄڻ وارن جي لاءِ هدايت آهي.
يعني اُهي متقي ماڻهو آهن، جيڪي قرآن ڪريم کي پڙهي ان مان هدايت حاصل ڪندا آهن. متقي ڪير آهن؟ اُهي جيڪي بغير ڏسڻ جي (يعني غيب جي شين تي) ايمان آڻيندا آهن، نماز قائم ڪندا آهن، الله پاڪ جي راهه ۾ ان جي ڏنل رزق مان خرچ ڪندا آهن ۽ آخرت تي پڪو يقين رکندا آهن.
هاڻي هنن ٻن آيتن (يعني آيت: 6 ۽ 7) ۾ انهن ماڻهن جو ذڪر ٿي رهيو آهي، جيڪي قرآن ڪريم پڙهندا به آهن، سمجهندا به آهن، انهن جي اڳيان حق کي توڙي ڪيترو به واضح ڪري بيان ڪيو وڃي، ان جي باوجود به اهي ايمان آڻڻ ۽ هدايت قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهن. اهي ڪير آهن؟
الله پاڪ فرمايو:
اِنَّ الَّذِیْنَ کَفَرُوْا
(پارو: 1، سورة بقره: 6)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اهي ماڻهو جن جي قسمت ۾ ڪفر آهي.
يعني اُهي ڪافر ماڻهو آهن. جهڙوڪ ابوجهل، ابولهب، عتبه، شيبه وغيره ([1]) ۽ قيامت تائين اچڻ وارا انهن جهڙا ماڻهو، جيڪي ازلي ڪافر آهن، انهن جي حالت ڪهڙي آهي؟ انهن جي بري عادت ڪهڙي آهي؟ انهن جي بري وصف ڪهڙي آهي؟