Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

علامه يوسف بن اسماعيل نبهاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا ته: تيمور لِنگ جي وفات کان پوءِ ڪنهن خواب ۾ ڏٺو ته محبوب آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تشريف فرما آهن ۽ تيمور لِنگ به ڀرسان ويٺو آهي، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ڏسندڙ کي فرمايو: اي محمد بن حسن! تيمور منهنجي اولاد سان محبت ڪندو هيو.[1]

فضلِ رَبّ سے دوجہاں میں کامیابی پائے گا          دِل سے جو شیدا ہوا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا

اے خُدائے مصطفےٰ ! ایمان پر ہو خاتمہ                 مغفرت کر! واسطہ اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا

جینا مرنا اُن کی الت میں ہو یارَبّ! اور ہو               قرب جنّت میں عطا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

   خدا پاڪ انهن جي پاڪيزگيءَ کي بيان ڪري ٿو

اي صحابه ۽ اهل بيت عاشقو! اسان جي پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڪ اولاد وڏي رتبي وارو عظمت ۽ شان وارو، تمام اعليٰ مرتبي وارو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّمَا یُرِیۡدُ اللّٰہُ  لِیُذۡہِبَ عَنۡکُمُ الرِّجۡسَ اَہۡلَ الۡبَیۡتِ وَ یُطَہِّرَکُمۡ  تَطۡہِیۡرًا (ۚ۳۳(پ22،الاحزاب:33)

ترجموڪنزُالعرفان:  اي نبيءَ جا گهروارؤ! الله ته اهو ئي چاهي ٿو ته توهان کان هر ناپاڪي دور ڪري ۽ توهان کي پاڪ ڪري خوب صاف سٿرو ڪري

تفسير نور العرفان ۾ آهي ته: ان جو  هي مطلب ناهي ته هي آيت نازل ٿيڻ کان پهريان اهل بيت سڳورا هاڻي تائين مَعَاذَ اللہ! گنهگار هئا، ان کان پوءِ پاڪائي ملي، بلڪه


 

 



[1] الشرف المؤبد مترجم، صفحو 261