Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

ڪرڻ اسان سڀني جي مٿان لازم آهي.  الله پاڪ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو:

قُلۡ  لَّاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ  اَجۡرًا  اِلَّا الۡمَوَدَّۃَ  فِی الۡقُرۡبٰی ؕ  (پ25، الشوریٰ:23)

ترجمو ڪنْزُ العرفان: اوهان فرمايو: مان ان تي توهان کان ڪو معاوضو نه ٿو گهران سواءِ قرابت جي محبت جي

علامه بغوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  لکي ٿو ته: هن آيت سڳوريءَ جو هڪ مطلب هي آهي ته (اي انسانو! مان توهان کي دين سيکاريان ٿو، مان توهان جي دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون توهان تائين پهچايان ٿو) ان تي مان توهان کان ڪو معاوضو، ڪو بدلو نٿو طلب ڪيان، البته مان توهان کي پنهنجي اهل بيت سان محبت ڪرڻ جي نصيحت ڪيان ٿو. هن مان معلوم ٿيو ته پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت، سندن رشتيدارن جي محبت دين جي فرضن مان هڪ فرض آهي. (بغوي)

ان وقت تائين، هو مومن نه ٿو ٿي سگهي

سرورِ  نامدار. ٻنهي جهانن جي سردار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي ته: لَایُؤْمِنُ عَبْدٌ حَتّٰی اَکُوْنَ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ نَفْسِہٖ ڪوبه ٻانهو ان وقت تائين مؤمن نٿو ٿي سگهي، جيستائين مان ان کي ان جي جان کان وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان، وَذَاتِیْ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ ذَاتِہِ ۽ منهنجي ذات ان کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ محبوب نه هجي. وَتَکُوْنَ عِتْـرَ  تِیْ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ عِتْـرَ تِہِ  ۽ منهنجو اولاد کيس پنهنجي اولاد کان وڌيڪ پيارو نه هجي. وَاَہْلِیْ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ اَہْلِہِ ۽ منهنجا اهل بيت ان کي پنهنجي گهر وارن کان وڌيڪ پيارا ۽ محبوب نه ٿي وڃن.[1]


 

 



[1] شعب الايمان، باب في حب النبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ، ٢/١٨٩، حديث:١٥٠٥.