Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

جي قبر تي ملائڪ زيارت لاءِ ايندا آهن،[1]

اهل بيت پاڪ جي سُڃاڻپ جي برڪت

حضرت علامه قاضي عياض مالڪي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه شفاء شريف ۾ لکن ٿا: مالڪِ ڪونين، ناناءِ حسنين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن فرمايو: آل محمد جي معرفت (يعني سڃاڻپ) دوزخ کان ڇوٽڪارو، انهن سان محبت پل صراط تي آساني ۽ انهن سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ عذابِ الهي کان امان آهي.[2]

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه!  پيارا اسلامي ڀائرو!  غور ڪريو!  مصطفيٰ جي اولاد جي محبت ڪيڏي نه عظيم نيڪي آهي، جيڪو ان محبت ۾ دنيا مان هليو وڃي، اهو شهيد آهي، ان جي لاءِ بخشش آهي، جيڪو آلِ نبيءَ جي محبت ۾ دنيا مان ويو، اهو ڪامل ايمان وارو آهي، جيڪو آلِ نبيءَ جي محبت ۾ دنيا مان ويندو، ان کي جنت جي خوشخبري ڏني ويندي آهي، جيڪو آلِ نبيءَ جي محبت ۾ دنيا مان ويندو، ان کي عزت سان جنت ۾ داخله ملندي، جيڪو آلِ نبيءَ جي محبت ۾  دنيا مان ويندو، ان جي قبر ۾ جنتي دروازا کلندا، جيڪو آلِ نبيءَ جي محبت ۾  دنيا مان ويندو، رحمت جا فرشتا ان جي قبر تي زيارت جي لاءِ ايندا، ۽  جيڪو آلِ نبيءَ سان محبت ڪرڻ وارو آهي، ان کي پل صراط تي امن ڏنو ويندو الله پاڪ اسان کي بہ ھيءَ پاڪيزه محبت نصيب فرمائي آمين.

حُبِّ اہلِ بیت دے آلِ محمّد کے لئے                 کر شہیدِ عِشق حمزہ پیشوا کے واسطے

دو جہاں میں خادمِ آلِرسول اللہ کر                          حضرتِ آلِ رسولِ مقتدا کے واسطے

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] تفسير ڪبير،7/390

[2] الشفا، الباب الثالث، فصل في توقيره وبر آله...الخ،الجزء الثاني، ص٤٠