Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

المدينه جو هي مختصر ڪتاب آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا شھزادا ۽ شهزاديون پڙهو!

اور جتنے ہیں شہزادے اس شاہ کے

ان   سب   اہلِ   مکانت   پہ   لاکھوں   سلام

خونِ خیر الرسل سے ہے جن کا خمیر

ان   کی   بےلوث   طینت   پہ   لاکھوں   سلام([1])

وضاحت : هن شعر ۾ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي پياري آقا جي اولاد تي سلام پيش ڪيو آهي، جيئن ته عرض ڪن ٿا: اهي پاڪ هستيون جن جي پيدائش سيد المرسلين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ خون مان ٿي، انهن جي بي عيب فطرت تي لکين سلام هجن.

اهل بيت سان نفرت ڪرڻ وارن جو انجام

پيارا اسلامي ڀائرو!  جيئن  حضرت مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اولاد سان محبت ڪرڻ جا بيشمار فضائل ۽ برڪتون آهن، تيئن ئي انهن سان بغض ۽ دشمني رکڻ جون به ڪيئي سخت وعيدون آهن.

جيئن حديث پاڪ ۾ آهي ته: جيڪو چاهي ٿو ته ان جي عمر ڊگھي ٿئي ۽ ان جون مرادون پوريون ٿين ته اهو منهنجي اهل بيت سان سٺو ورتاءُ ڪري ۽ جيڪو انهن سان سٺو سلوڪ نه ڪندو ته ان جي عمر گهٽائي ويندي ۽ اهو شخص قيامت جي ڏينهن مون وٽ اهڙي حالت ۾ ايندو جو ان جو منهن ڪارو هوندو.[2] الله پاڪ جي پناھ

اهل بيت تي ظلم ڪرڻ واري تي جنت حرام آهي

مڪي مدني تاجدار غريبن جي غمخوار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جنهن


 

 



[1]...حدائق بخشش، ص۳۰۹.

[2] الصواعق المحرقہ،ص 107