Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:
هفتيوار رسالي جو مطالعو

پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ اصحابن ۽ اهلبيت جي محبت وڌائڻ، سادات سڳورن جو باادب بڻجڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين تي استقامت حاصل ڪرڻ لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلاميءَ جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به ڀرپور شرڪت ڪريو! ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم! توهان کي دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ هفتيوار رسالو مطالعو پڻ آهي.

شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکاتُھُمُ الْعَالِیَه هر ڇنڇر تي رات مدني مذاڪري ۾ هڪ رسالي جو اعلان فرمائيندا آهن، گڏ دعائن سان به پڻ نوازيندا آهن، هڪ مختصر رسالو هوندو آهي، جيڪو سڄي هفتي ۾ پڙهڻو هوندو آهي، توهان به همت ڪيو! ھر ڇنڇر تي توھان مدني مذاڪري ۾ ضرور شرڪت ڪندا ڪيو، جنهن رسالي جو اعلان ٿئي اهو حاصل ڪري پڙهو، بلڪه  گهر وارن کي به پڙهي ٻڌايو! اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم! 

توهان کي دين جو علم سکڻ جو ثواب به ملندو، تمام گهڻي معلومات به هٿ ايندي ۽ وقت جي ڪامل وليءَ جون دعائون به نصيب ٿينديون، اچو ته! مان توهان جي ترغيب لاءِ توهان کي هڪ مدني بھار ٻڌايان ٿو:

ڪربلا جو خوني منظر رسالي جي مدني بهار

هڪ مبلغ دعوتِ اسلاميءَ جي بيان جو خلاصو آهي: اسان جو خاندان بد مذهبن سان تعلق رکندڙ هو، ننڍپڻ کان ئي هي سمجهايو ويو هو ته عاشقان رسول