Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

محبت هوندي آهي، ۽ اهو اهل بيت پاڪ رَضِیَ اللهُ عَنْهُم  سان به محبت ڪندو آهي. هي سڀ تعلق ملائڻ جو نتيجو هي نڪتو ته صحابه ڪرام ۽ اهل بيت سڳورن جي محبت مسلمان هجڻ جي نشاني آهي.  

اَہْلِ سُنّت کا ہے بیڑا پار اَصْحابِ رسول                نجم ہیں اور ناؤ ہے عترت رسول اللہ کی

وضاحت: يعني اسان عاشقانِ رسول جو ٻيڙو. اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم! دنيا، قبر، قيامت، پلصراط هر جاءِ تي پار ئي پار آهي ڇوته الله پاڪ جي فضل سان اسان هدايت جي ستارن يعني اصحابن سڳورن رَضِیَ اللهُ عَنْهُم سان محبت ڪيون ٿا ۽ اسان فتنن جي طوفان کان بچائڻ واري ٻيڙي يعني اولاد مصطفيٰ سان به محبت ڪيون ٿا.

سرڪار جو قرب ماڻڻ وارو خوش نصيب

حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي ته حضور اڪرم مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو منهنجي اصحابن، منهنجي پاڪ گهر وارين (يعني مؤمنن جي مائرن) ۽ منهنجي اهلبيت سان عقيدت رکي ٿو، اهو صرف انهن مان ڪنهن جي به برائي ناهي ڪندو، انهن جي محبت ۾ دنيا مان رخصت ٿيندو  آهي، اهو قيامت جي ڏينهن مون سان گڏ هوندو.[1]

عاشقانِ اهل بيت جي جنت ۾ داخل ٿيڻ جو منظر

 امام عالي مقام حضرت امام حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: هڪ ڏينهن حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ مالڪِ جنت قاسمِ نعمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي علي!  اهي 4 ماڻهون جيڪي سڀ کان پهريان جنت ۾ ويندا، انهن مان هڪ مان آهيان، هڪ تون آهين ۽ 2 تنهنجا پٽ حسن ۽ حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا آهن، اسان جو اولاد اسان جي پٺيان هوندو ۽ اسان جون گھر واريون انهن جي پٺيان


 

 



[1] الرياض النضرة ،الباب الاول،ذڪر ماجاءَ في الحث علي حبہم والاحسان اليہم …الخ ،۱/۲۲