Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail
اچي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عام انسانن جي برابر آهن، اُهو ڪنهن جاهل، بيوقوف ماڻهوءَ جو قول ئي ٿي سگهي ٿو، ڀلا ڪٿي هُو اعليٰ مرتبي وارا! ۽ ڪٿي عام انسان!![1]
آپ جیسا کوئی ہو سکتا نہیں اپنی ہر خوبی میں تنہا آپ ہیں([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اولادِ مصطفيٰ جو ڪيڏو شان نرالو آهي، هي اهي بلند مرتبي واريون هستيون آهن جن جي نسب جهڙو نسب دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي. صحابي رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي ته: شان واري رسول، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ مخلوق کي 2 قسمن ۾ ورهايو، پوءِ مون کي ان مان افضل قسم ۾ رکيائين، پوءِ انهن 2 قسمن کي 3 قسمن ۾ ورهايائين، پوءِ مون کي انهن 3 مان سڀ کان افضل ۽ بهترين قسم ۾ رکيائين، پوءِ ان 3 قسمن جا قبيلا بڻايائين ته مونکي سڀ کا افضل ۽ اعلى قبيلي ۾ رکيائين، ان کان پوءِ قبيلن کي خاندانن ۾ ورهايائين، پوءِ مون کي افضل ۽ بهترين خاندان ۾ رکيائين،
جيئن الله پاڪ فرمائي ٿو:
اِنَّمَا یُرِیۡدُ اللّٰہُ لِیُذۡہِبَ عَنۡکُمُ الرِّجۡسَ اَہۡلَ الۡبَیۡتِ وَ یُطَہِّرَکُمۡ تَطۡہِیۡرًا (ۚ۳۳) (پ22،الاحزاب:33)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اي نبيءَ جا گهروارؤ! الله ته اهو ئي چاهي ٿو ته توهان کان هر ناپاڪي دور ڪري ۽ توهان کي پاڪ ڪري خوب صاف سٿرو ڪري
(شرف المؤبد، مترجم، ص:۹۶)