Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

سڳورن کي نصيب ٿيو اهڙو نسب دنيا ۾ ڪنهن ٻئي جو نه آهي.

حسنين ڪريمين کي پنهنجي اولاد تي ترجيح ڏيندا ها

       مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي دورِ خلافت جو واقعو آهي ته هڪ دفعي مديني پاڪ ۾ مالِ غنيمت آندو ويو ته حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ اهو مال غنيمت ورهائڻ شروع ڪيو، اصحاب سڳورا رَضِیَ اللهُ عَنْهُم اچي پنهنجو حصو وٺي رهيا هئا، انهيءَ دواران حضرت امام حسن مجتبى رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ به تشريف کڻي آيا ،حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمايو: بِالرَّحْبِ وَالْكَرَامَةِ   يعني (خوش آمديد!) اوهان جي لاءِ عزت ۽ احترام آهي پوءِ حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کين هڪ هزار درهم (چانديءَ جا سڪا) ڏنا. ان کان پوءِ امام حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ  تشريف کڻي آيا. حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ان جو به اهڙي طرح احترام ڪيو ۽ هڪ هزار درهم پيش ڪيا. انهن ٻنهي شهزادن سيدزادن کان پوءِ حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جن جو  پنهنجو فرزند حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا حاضر ٿيو، حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ انهن کي هڪ هزار درهم جي بدران 500 درهم ڏنا. حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا عرض ڪيو: اي اميرالمؤمنين! امام حسن ۽ حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا اڃا ننڍيءَ عمر جا هئا، مان ان وقت به  دين جي خدمت لاءِ سِرَ ڌَڙَ جي بازي لڳائيندو هئس، ۽ جهاد ۾ شريڪ ٿيندو هئس، ان جي باوجود توهان انهن کي هزار هزار درهم ڏنا ۽ مون کي فقط 500 درهم ڏنا؟ اهو ٻڌي حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي دل ۾ اهل بيت جي محبت جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو. پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ اهل بيت جي محبت ۾ سرشار ٿي ڪري فرمايائون بلڪل! (جيئن توهان چئو ٿا ته ڳالھ اها ئي آهي، پر جيڪڏهن توهان انهن جي برابر حصو وٺڻ چاهيو ٿا ته) اِذْهَبْ فَاْتِنِی بِاَبٍ كَاَبِيْهِمَا وڃو پهريان  حسنين ڪريمين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا جي والد جهڙو والد آڻيو، وَاُمٍّ كَاُمِّهِمَا انهن جي