Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail
امام باقر رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جبرائيل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم مون وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! الله جي حڪم سان مون زمين جا اوڀر ۽ اولھ، جبل ۽ ريگستان ڳوليا، مون کي عرب کان بهتر ڪا به قوم نظر نه آئي ، پوءِ الله پاڪ حڪم فرمايو، مون عرب ۾ ڳولا شروع ڪئي، مون کي مُضَر کان بھتر ڪو به قبيلو نه مليو، پوءِ الله پاڪ حڪم فرمايو، مون مُضَر ۾ ڳولا شروع ڪئي، مون کي بنو ڪنانه کان بھتر ڪوئي نظر نه آيو، پوءِ حڪم ٿيو، مون بنو ڪنانه ۾ ڳولا شروع ڪئي، مون کي قريش کان بھتر ڪو به نه مليو، پوءِ ربانيءَ حڪم سان مون قريش ۾ ڳولا ڪئي ته بنو هاشم کان بهتر ڪو به نه مليو، پوءِ مون کي بنو هاشم جي وچ ۾ تلاش ڪرڻ جو حڪم مليو، مون تلاش ڪيو ته اوهان کان بهتر ۽ اوهان کان افضل ڪوبه نظر نه آيو.
یہی بولے سدرہ والے، چمنِ جہاں کے تھالے
سبھی میں نے چھان ڈالے، تیرے پائے کا نہ پایا
تجھے یک نے یک بنایا، تجھے حمد ہے خدایا
وضاحت: حضرت جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم به اهو ئي چيو: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! مون سڄي دنيا ڳولي ورتي آهي پر تو جهڙو ڪو به نه نظر نه آيو، ساراھ آهي اُن هڪ سچي خدا جي جنهن توکي بي مثل ۽ بي مثال بڻايو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: سادات سڳورن جي نسب ۾ پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان وٺي حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تائين جيترا به ابا ڏاڏا آهن سڀئي فضيلت وارا ۽ بلند مرتبي وارا آهن. معلوم ٿيو: جهڙو نسب سادات