Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه غور ڪريو! جن اصحابن سڳورن رَضِیَ اللهُ عَنْهُم نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسم پاڪ مان نڪتل رت مبارڪ پيتو اُهي جهنم کان محفوظ ۽ جنت جا حقدار بڻجي ويا ته پوءِ اهي پاڪ هستيون جيڪي ان ئي رت مان پيدا ٿيون آهن ۽ اهو مبارڪ رت انهن جي رڳن ۾ جاري آهي انهن کي جهنم جي باھ ڪيئن ٿي ساڙي سگهي؟ [1]
الله پاڪ واعدو فرمايو آهي ته...
رسول رحمت شفيعِ امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمائن ٿا: منهنجي رب مون سان وعدو فرمايو آهي ته منهنجي اهل بيت مان جيڪو به الله جي وحدانيت ۽ منهنجي رسالت جو اقرار ڪندو ته الله پاڪ ان کي عذاب نه ڏيندو.[2]
آل و اَصْحابِ نبی سب بادشہ ہیں، بادشاہ میں فقط ادنیٰ گدا اَصْحاب واَہْلِ بیت کا
پاڻ ڪريمن جهڙو ڪو به ٿي نٿو سگهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رهي! رت حرام آهي، انسان ته انسان ڪنهن حلال جانور جو رت پيئڻ به جائز ناهي، ڇاڪاڻ ته رت نجس هوندو آهي، پر اسان جي آقا و مولا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان نرالو آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بي مثل ۽ بي مثال آهن، سندن رت مبارڪ نجس ناهي، ڪيترن ئي اصحابن سڳورن جسم پاڪ مان نڪتل رت مبارڪ پيتو آهي، ۽ پياري آقا و مولا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ان کان منع ناهي فرمايو، شارح بخاري علامه بدرالدين عيني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا ته: (رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رت مبارڪ جو حڪم عام ماڻهن جهڙو نه آهي ۽) جنهن قول سان هي لازم