Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

شخص منهنجي اهل بيت تي ظلم ڪيو ۽ منهنجي اولاد جي باري ۾ مون کي ايذايو ان تي جنت حرام ٿي وئي.[1]

اهل بيت سان دشمني رکڻ وارو جهنمي آهي

حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي ته  نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو شخص ڪعبي شريف ۽ مقام ابراهيم جي وچ ۾ نماز پڙهي، اتي رهي روزو رکي ۽ پوءِ اهل بيت جي دشمني ۾ مري وڃي ته اهو دوزخ ۾ ويندو.[2]

باغ جنّت کے ہیں بہرِ مدح خوانِ اَہْلِ بیت           تم کو مژدہ نار کا اے دُشمنان اَہْلِ بیت

وضاحت: جيڪي ماڻهو اهل بيت سان محبت ڪن ٿا انهن جي تعريف ڪيون ٿا، انهن لاءِ بهشت ​​جا باغ آهن ۽ جيڪي اهل بيت جا دشمن آهن انهن لاءِ جهنم جي وعيد آهي.

جيڪڏهن سادات سڳورا گناھ ڪري ويهن ته ......!!

پيارا اسلامي ڀائرو! هي به ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن خدانخواسته ڪو سيد صاحب گناهن ۾ مبتلا ٿي وڃي تڏھن به انھن جي بي ادبي ڪرڻ جي اجازت ناهي.

سندن ادب جيئن جو تيئن قائم رهندو، ڇاڪاڻ ته سادات جو ادب سندن شخصيت جي ڪري نه پر سادات جي سردار، رسولِ مختار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سان نسبت جي ڪري آهي.

ان ڪري جيڪڏهن ڪو سيد صاحب شريعت جي خلاف ڪنهن ڪم ۾ مشغول


 

 



[1] الشرف المؤبد لآل محمد للنبهاني ص 259

[2] الشرف المؤبد ص ۹۲،اَلْمُسْتَدْرَڪ لِلْحاڪم،۴ /۱۲۹۔۱۳۰،حدیث:۴۷۶۶