Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

اهل بيت سڄي دنيا لاءِ امان(پناھ) آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! اهل بيت جي خصوصيتن مان هڪ خاصيت هيءَ به آهي ته اهل بيت پاڪ يعني اسان جي آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو قيامت تائين اچڻ وارو اولاد دنيا جي لاءِ امان آهي. حديث شريف ۾ آهي: اَلنُّجُوْمُ اَمَانٌ لِاَھْلِ السَّمَآءِ وَاَھْلُ بَیْتِیْ اَمَانٌ لِاَھْلِ الْاَرْضِ يعني ستارا آسمان وارن لاءِ امن جو سبب آهن ۽ منهنجا اهل بيت زمين وارن لاءِ امن جو سبب آهن. (الشرف المؤبد، مترجم، ص:46) هڪ روايت ۾ آهي ته: منهنجا اهل بيت زمين وارن لاءِ امان آهن، جڏهن منهنجا اهل بيت نه رهندا ان وقت زمين وارن تي اهي نشانيون ظاهر ٿي وينديون، جن جو انهن سان وعدو ڪيو ويو آهي[1]

عالم سڳورا فرمائن ٿا: دنيا مان سادات سڳورن جو کڄي وڃڻ قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني آهي، يعني جڏهن دنيا ۾ ڪو هڪ به سيد زادو موجود نه رهندو، تڏهن قيامت اچي ويندي. ۽ ان ۾ حڪمت اها آهي ته قيامت بدترين ماڻهن تي ايندي، جڏهن ته سادات سڳورا دنيا جا بهترين ماڻهو آهن.[2]

اولاد  پاڪ جي محبت فرض آهي

اي عاشقان صحابه و اهل بيت! ياد رکو! اسان جي آقا و موليٰ مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اولاد پاڪ جي محبت دين جو حصو آهي، تنهن ڪري پياري آقا حضرت احمد مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سڀني شهزادن، شهزادين سان عقيدت ۽ محبت رکڻ حسنين ڪريمين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان وٺي اڄ تائين جيترا سيد سڳورا آهن، انهن سان محبت ڪرڻ انهن جو احترام ڪرڻ، انهن جي تعظيم


 

 



[1] الشرف المؤبد، مترجم، ص:77

[2] الشرف المؤبد، مترجم، ص:77