Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail
قيامت جي ڏينهن اولادِ مصطفيٰ ڪٿي هوندا؟
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اولاد جهڙيءَ طرح هن دنيا ۾ سردار آهي، ان شاءَ الله الڪريم هو آخرت ۾به پرامن ۽ باوقار، دوزخ کان پري ۽ جنت جو حقدار هوندو. سوره الطور جي آيت نمبر 27 ۾ رب پاڪ فرمائي ٿو:
وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ اتَّبَعَتۡہُمۡ ذُرِّیَّتُہُمۡ بِاِیۡمَانٍ اَلۡحَقۡنَا بِہِمۡ ذُرِّیَّتَہُمۡ وَ مَاۤ اَلَتۡنٰہُمۡ مِّنۡ عَمَلِہِمۡ مِّنۡ شَیۡءٍ ؕ
(پ27، الطور:21)
ترجمو ڪنْزُ العرفان: ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ انهن جي (جنهن) اولاد ايمان سان گڏ انهن جي پيروي ڪئي ته اسان انهن جي اولاد کي انهن سان ملائي ڇڏيو ۽ انهن (والدين) جي عملن ۾ ڪجهه ڪمي نه ڪئي هر انسان پنهنجي عملن ۾ گروي آهي.
تفسير نور العرفان ۾ آهي: يعني جيڪڏهن مؤمنن جا اولاد مؤمن هوندا ته پوءِ اسان اولاد کي بهشت ۾ سندن والدين سان گڏ رکنداسين ۽ انهن کي جدا نه ڪنداسين. هن مان معلوم ٿيو ته والدين جي ذريعي اولاد جا درجا بلند ٿيند آهن. نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اولاد نبي نه آهي پر جنت ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هوندو. هتي وسيلو ثابت ٿيو، هي به معلوم ٿيو ته جنتي شخص پنهنجي گھر وارن سان جنت ۾ رهندو، اهڙي طرح جيڪڏهن پيءُ جو رتبو گهٽ ۽ اولاد جو اعليٰ آهي ته پوءِ پيءُ کي ترقي ڏئي اولاد وٽ پهچايو ويندو. تنهنڪري اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم! بيبي آمنه خاتون، حضرت عبدالله رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُما ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اولاد نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هوندا.[1]