Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail
پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري ٿا وٺون، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس گھُورڻ، جھڻڪڻ، تڪرار ڪرڻ کان بچندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم!
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! تيمورلنگ تيموري سلطنت جو باني ۽ پهريون حڪمران 1336 عيسويءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ 1405 عيسويءَ ۾ يعني 69 سال عمر ماڻي، فوت ٿيو ، ان 10 سال جي عمر ۾ ئي قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتو هو ، شيخ زينُ الدين بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا : مرضُ الۡمَوت ۾ مبتلا هئا، هڪ ڏينهن سخت غم جي سبب سندن چهرو ڪارو ٿي ويو، رنگ بدلجي ويو، ڪجھ دير کان پوءِ جڏهن حالت سُڌري ته ماڻهن کيس صورتِ حال ٻڌائي ته بيماريءَ جي شدَّت سبب اچانڪ اوهان جو چهرو سياھ (ڪارو) ٿي ويو هيو، رنگ بدلجي ويو هيو، ان تي تيمور چيو: مون عذاب جا فرشتا ڏٺا هئا، اهي مون ڏي اچي رهيا هئا انهن کي ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو جنهن سبب منهنجو رنگ ڪارو ٿي ويو هيو. پوءِ جلد ئي امت جا غمخوار نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا ۽ فرشتن کي فرمايائون: هن کي ڇڏي ڏيو ڇو ته هي منهنجي اولاد (يعني سيدن زادن) سان محبت ڪندو آهي ، هي ٻڌي فرشتا واپس موٽي ويا