Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat
حضرت ابن عباسرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ڏينهن رات ۾ ڪل چوويھ ڪلاڪ آهن ۽ ڪلمي شريف جا حروف به 24 آهن ته جيڪو هڪ ڀيرو ڪلمو شريف پڙهندو آهي ته ان جو هر حرف هڪ ڪلاڪ جي گناهن جو ڪفارو بڻجي ويندو آهي. بس جڏهن ٻانهو هر روز هڪ ڀيرو ڪلمو شريف پڙهندو آهي ته ان تي ڪوبه گناھ باقي ناهي رهندو، ته جيڪو ان جي ڪثرت ڪندو آهي ۽ انهي کي پنهنجو مشغلو بڻائي وٺندو آهي ان جو ڇا مقام ۽ مرتبو هوندو.[1]
حضرت ابن عمررَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي: مصطفيٰ جان رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ پڙهڻ وارن کي نه قبر ۾ وحشت ٿيندي ۽ نه قبرن مان زندھ اٿڻ وقت خوف ٿيندو، ڄڻ مان انهن کي ڏسي رهيو آهيان، جڏهن اهي پنهنجي مٿي تان مٽي ڇنڊيندي قبرن مان نڪرندا ۽ لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ چوندي جنت ۾ داخل ٿي ويندا، پوءِ اهي چوندا: اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْ اَذْھَبَ عَنَّا الْحُزْنَ، اِنَّ رَبَّنَا لَغَفُوْرٌ شَکُوْرٌ يعني سڀئي خوبيون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن اسان کان غمن کي دور ڪيو.[2] بيشڪ اسان جو ربّ بخشڻ وارو، شڪر قبول ڪرڻ وارو آهي.[3]
ڪلمو شريف پڙهڻ وارا الله پاڪ جا محبوب آهن
الله پاڪ جا پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن الله پاڪ (ملائڪن) کي فرمائيندو: ڪلمو شريف پڙهڻ وارن کي منهنجي قريب