Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

حضرت نوح عَلَيه السَّلَام جي آّخري نصيحت

صحابي رسول حضرت عبد الله بن عمرو رَضِىَ اللهُ عَنْهما کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جي نبي حضرت نوح عَلَيه السَّلَام جو جڏهن آخري وقت آيو ته پاڻ پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي فرمايائون: پٽ! مان توکي 2 ڳالهين جو حڪم ڏيان ٿو ۽ 2 ڳالهين کان منع ڪيان ٿو: (1) پٽ! مان توکي حڪم ڏيان ٿو ته ڪلمي شريف لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ جي ڪثرت ڪندا رهو! بيشڪ جيڪڏهن ترازو جي هڪ پلڙي ۾ ست ئي آسمان ۽ ست ئي زمينون رکيون وڃن ۽ ٻي پلڙي ۾ ڪلمي شريف لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ کي رکيو وڃي ته هن پاڪيزه ڪلمي جو وزن ست ئي زمينن ۽ ستن ئي آسمانن کان وڌي ويندو. (2) پٽ! سُبْحٰنَ اللہِ وَ بِحمْدِہٖ جي ڪثرت ڪيو! بيشڪ هي هر شيءِ جي تسبيح آهي ۽ انهي جي برڪت سان مخلوق کي روزي ڏني ويندي آهي ۽ پٽ! مان توکي نصيحت ڪيان ٿو (1) شرڪ ۽ (2) تڪبر کان بچندو رهجان.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نبي حضرت نوح عَلَيه السَّلَام جون هي 4 نصيحتون نهايت ئي اهم آهن، اسان کي گهرجي ته هنن پاڪيزه نصيحتن کي پنهنجي دل ۾ ويهاريون، ڪلمي شريف جي هميشه ڪثرت ڪندا رهون، سُبْحٰنَ اللہِ وَ بِحمْدِہٖ جي ڪثرت ڪيون جو هي اها تسبيح آهي جنهن جي برڪت  سان روزي ملندي آهي ۽ شرڪ ۽ تڪبر کان هميشه بچندا رهون.

کاش لب پر مِرے رہے جاری                                                                                                    ذِکْر آٹھوں پَہَر ترا یاربّ!

چشمِ تَر اور قلبِ مُضْطَر دے                                                                                                                       اپنی اُلفت کی مَے پِلا یا ربّ!([2])

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] الادب المفرد ،باب الکبر ،صفحہ:167 ،حدیث:548

[2]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:79۔