Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat
اِلٰهَ اِلَّا اللہُ قَبْلَ كُلِّ شَيْءٍ، وَ لَا اِلٰهَ اِلَّا اللہُ يَبْقَى وَ يَفْنَى كُلُّ شَيْءٍ (يعني هر شي کان پهريان لَا اِلٰهَ اِلَّا اللہُ آهي ۽ هر شيءِ فنا ٿي ويندي پر لَا اِلٰهَ اِلَّا اللہُ باقي رهندو) ان کي غم ۽ پريشاني کان محفوظ رکيو ويندو.[1]
الله پاڪ اسان کي ڪلمي شريف جي ڪثرت ڪرڻ، زبان کي ذڪر ۽ درود سان تر رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
سڪرات جي وقت ڪلمي شريف جي تلقين ڪيو!
تاجدار رسالت، شهنشاھِ نُبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: لَقِّنُوْا مَوْتَاكُمْ لَا اِلٰهَ اِلَّا اللہُ پنهنجي مڙدن کي لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ جي تلقين ڪيو.[2] يعني جيڪو مري رهيو آهي حالتِ سڪرات ۾ آهي ان کي ڪلمو شريف سيکاريو اهڙي طرح جو هن وٽ بلند آواز سان ڪلمو پڙهو.[3]
صدرالشريعه بدرالطريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: سڪرات جي حالت ۾ جيستائين روح نڙي تائين نه آئي (هجي) مرڻ واري کي تلقين ڪيو يعني ان وٽ بلند آواز سان اَشْھَدُ اَنْ لَّآاِلٰہَ اِلاَّ اللہُ وَاَشْھَدُ اَنَّ مُحَمَّداً رَّسُوْلُ اللہِ پڙهو پر ان کي (يعني مرڻ واري کي) ان جي چوڻ جو حڪم نه ڪيو. جڏهن ان (يعني مرڻ واري) ڪلمو پڙهي ورتو ته تلقين موقوف ڪري ڇڏيو. ها جيڪڏهن