Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

موبائل ايپلي ڪيشن بنام اوقاتِ نماز (Prayer Times) جاري ڪئي آهي * هن  ايپلي ڪيشن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪنهن به مقام جي اوقات ۽ سمتِ قبله معلوم ڪري سگھجن ٿا * هن کان علاوه پنج  نمازن جي وقتن بابت ماهوار ٽائم ٽيبل * اذڪار (روحاني علاج) * مدني چينل ريڊيو * نماز جي اوقات ۾ موبائل کي سائلنٽ (Silent) ڪرڻ جي سهولت ۽ اسلامي ڪيلنڊر موجود آهي۔ پنهنجي موبائل ۾ هي ايپليڪيشن انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنۡشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي:

مَنۡ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدۡ اَحَبَّنِي وَمَنۡ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الۡجنَّة

يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

شڪر ڪرڻ سُنّت آهي

فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1): الله ڪريم کي اها ڳالھ پسند آهي ته ٻانهو هر گرھ ۽ هر ڍڪ تي الله ڪريم جو شڪر ادا ڪري. (2): پنهنجون زبانون ذڪر سان ۽ دل شُڪر سان تر رکو!

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  شُڪر ڪرڻ سُنّت آهي * الله جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان شڪر ڪندا هئا * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن ناشڪري نه ڪئي * شڪر اعليٰ عبادت آهي * شڪر ڪرڻ سان نعمت ۾


 

 



[1] مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵