Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat
ڪجھ دير انهيء طرح ذڪرالله ڪرائڻ کان بعد مالڪِ جنت، قاسم نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوشخبري ڏيندي فرمايو: اَبْشِرُوْا فَاِنَّ اللہَ قَدْ غَفَرَ لَکُمْ توهان کي بشارت هجي بيشڪ الله پاڪ توهان کي بخشي ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هيء به فرمايو: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اي الله پاڪ! تو مونکي هي پاڪيزه ڪلمو ڏئي ڪري موڪليو، اُن کي پڙهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان تي جنت جو وعدو فرمايو ۽ بيشڪ تون وعده خلافي ناهين ڪندو.[1]
حَسْبِیْ رَبِّی جس نے کہا، فیض کے دریا کو پایا حَسْبِیْ رَبِّی جس نے کہا، فیض کے دریا کو پایا
گوہرِ مقصد ہاتھ آیا، لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ گوہرِ مقصد ہاتھ آیا، لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلمو شريف نهايت ئي مبارڪ وظيفو آهي، هي افضل ترين ذڪر به آهي، اهو ئي ڪلمو پڙهي ڪافر مسلمان ٿيندو آهي، هي ئي مبارڪه ڪلمو سچي دل سان پڙهڻ جي برڪت سان ڪافر جا سڀئي گناھ ڌوپجي ويندا آهن ۽ اهو جنت جو حقدار بڻجي ويندو آهي. حِليَةُ الاَولياء ۾ آهي: ٻنهي جهانن جا مالڪ ۽ مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت جبرائيل جي حوالي سان بيان ڪن ٿا ته الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: بيشڪ مان ئي الله آهيان، مون کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي ته منهنجي بندگي ڪيو، توهان مان جيڪو به اخلاص سان لَااِلٰہَ اِلَّااللہُ جي گواهي ڏيندي مون وٽ آيو اهو منهنجي پناھ ۾ اچي ويو ۽ جيڪو منهنجي