Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

ڏيندا آهن۔ اوهان به هن ديني ڪم ۾ حِصّو وٺو، صبح جلدي اُٿو، الله پاڪ نصيب ڪري ته نمازِ تهجد ادا ڪريو، ذِڪر ۽ درود ڪريو، اذانِ فجر کان بعد مدني مرڪز جي ڏنل طريقيڪار مطابق ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳايو، هن عَمَل جي برڪت سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! کوڙ ثواب هٿ ايندو۔

آخري وقت ۾ ڪلمو نصيب ٿي ويو...!!

  پنجاب، ضلعي اوڪاڙه جي شهر ديپالپور جي هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي: منهنجو چاچو محمد رفيق عطاري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ۽ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَڪاتُهمُ العَالِيه جو مُريد هو، ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ ان جو معمول هو، صبح جلدي اُٿي پري پري تائين وڃي مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ بيدار ڪندو هو، هن عادَت جي ڪري پوري ديپالپور ۾ مشهور هو، هڪ ڀيري فيصل آباد کان واپس گھر موٽي رهيو هو نمازِ عشاء جو وقت ٿيو ته گاڏي روڪي نماز ادا ڪئي ۽ ٻيهر سفر تي روانا ٿيا، گاڏي پنهنجي رفتار سان وڃي رهي هئي، اوچتو محمد رفيق عطاري بلند آواز کان ڪلمو پڙھيو ۽ فرمايائون: سڀئي ڪلمو پڙھو، سڀني ڪلمو پڙھيو، ٿوري دير گذري ته اوچتو گاڏي کي زور دار جھٽڪو لڳو ۽ گاڏي کائي ۾ وڃي ڪري، سڀئي ماڻهو معمولي زخمي ٿيا پر محمد رفيق عطاري کي شديد زخم آيا، سخت تڪليف جي باوُجود سندن زبان تي ڪلمو شريف جاري هو ۽ ماشَآءَ الله! قسمت ڏسو! ڪلمو پڙھندي پڙھندي ئي دُنيا مان موڪلائي ويا۔

فضل وکرم جس پر بھی ہوا، لب پر مرتے دَم کلمہ          جاری ہوا، جنت میں گیا، لَااِلٰہَ اِلَّااللہ

اوقاتِ نماز (Prayer Times) ايپ جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ هڪ نهايت پياري