Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

لال، رسول بي مثال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن ٻانهو چوندو آهي: لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ ته هي  مبارڪ ڪلمو ان جي وات مان ادا ٿي ڪري آسمانن کي چيريندي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ويندو آهي. الله پاڪ فرمائيندو آهي: اُسْکُنِیْ يعني اي ڪلما شريف! پُرسڪون ٿي وڃ! ٻانهي جي واتان ادا ٿيڻ وارو ڪلمو شريف عرض ڪندو آهي: اي الله پاڪ! مان پُرسڪون ڪيئن ٿيان جڏهن ته ٻانهي مونکي پڙهيو آهي ان جي اڃا تائين مغفرت ناهي ڪئي وئي. الله پاڪ فرمائيندو آهي: اي ڪلما شريف! جنهن گهڙي ۾ هن ٻانهي توکي پڙهيو هو مون انهيء وقت هن جي مغفرت ڪري ڇڏي هئي.[1]

الله اڪبر! پياراپيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! ڪلمو شريف ڪيترو عظيم الشان وظيفو آهي. هيڏانهن ٻانهو ڪلمو شريف پڙهندو آهي، هوڏانهن ان جي مغفرت ٿي ويندي آهي. ڪاش! اسان کي فضول گوئي کان نجات ملي وڃي، اسان جيڪو هر وقت هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ۾ لڳل هوندا آهيون، ڪڏهن غيبت، ڪڏهن چغلي، ڪڏهن گناهن ڀريون ڳالهيون، ڪڏهن فضول گفتگو ڪري رهيا هوندا آهيون، ڪاش! هن کان نجات ملي ۽ اسان ڪلمو شريف پڙهڻ وارا بڻجي وڃون، زبان تي ذڪر ۽ درود سجائڻ وارا بڻجي وڃون.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

میری زبان تر رہے ذِکْر و دُرُود سے                                                                                      بے جا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فُضُول([2])


 

 



[1] مسندِ فردوس ،جلد:1 ،صفحہ:285 ،حدیث:1119

[2]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:243۔