Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat
پناھ ۾ اچي ويو ان کي منهنجي عذاب کان امن ملي ويو.[1]
میں ہوں بندہ وہ مولیٰ کون ہے اپنا اس کے سوا میں ہوں اس کا وہ ہے مرا جس نے بنایا اور پالا
لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلمي شريف لَااِلٰہَ اِلَّا اللہُ جا ڪيئي مبارڪ نالا آهن: * هن جو هڪ نالو ڪلمو توحيد به آهي. * ڪلمو اخلاص به آهي. * ان کي ڪلمو احسان به چون ٿا. * ان کي ڪَلۡمةُ التَّقويٰ به چون ٿا. * هن مبارڪ ڪلمي جو هڪ نالو: ڪلمهءِ ثابته يعني ثابت ٿيل ڪلمو، پڪو ڪلمو، نه مٽجڻ وارو ڪلمو، هميشه رهڻ وارو ڪلمو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلمي شريف جي فضائل مان هڪ فضيلت اها به آهي ته الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ هن مبارڪ ڪلمي کي ڪلمو طيّب فرمايو ۽ هن جي مثال پاڪيزه وڻ مان ڏني وئي آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
ضَرَبَ اللہُ مَثَلًا کَلِمَۃً طَیِّبَۃً کَشَجَرَۃٍ طَیِّبَۃٍ اَصۡلُہَا ثَابِتٌ وَّ فَرۡعُہَا فِی السَّمَآءِ (ۙ۲۴) تُؤۡتِیۡۤ اُکُلَہَا کُلَّ حِیۡنٍۭ بِاِذۡنِ رَبِّہَا ؕ
(پارہ:13 ،سورۂ ابراہیم:24-25)
ترجموڪنزالعرفان: الله پاڪيزه ڪلمي جو ڪهڙو نه مثال بيان فرمايو آهي جيئن هڪ پاڪيزه وڻ هجي جنهن جي پاڙ مضبوط هجي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ هجن. هر وقت ميوو ڏيندو رهي پنهنجي ربّ جي حڪم سان.