Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

هو). حضرت شيخ اڪبر محي الدين ابن عربي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  وٽ اهو ئي ڪلمو شريف 70 هزار ڀيرا پڙهيل محفوظ هيو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي ماءُ کي دل ئي دل ۾ ايصال ثواب ڪري ڇڏيو. فوراً اهو ڇوڪرو کلڻ لڳو. پاڻ ان کان کلڻ جو سبب پڇيو، ڇوڪري جواب ڏنو ته حضور مون هاڻي ڏٺو ته منهنجي ماءُ کي ملائڪ جنت جي طرف وٺي وڃي رهيا آهن. شيخ ارشاد فرمايو: هن حديث پاڪ جي تصديق مون کي ان ڇوڪري جي ڪشف ذريعي ٿي ۽ ان جي ڪشف جي تصديق هن حديث مان.

الله پاڪ اسان کي به ڪلمو شريف پڙهڻ دل سان ان تي ايمان رکڻ، هن تي ثابت قدم رهڻ ۽ پڙهي پڙهي ڪري مئلن کي بخشيندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم:  فجر جي لاءِ جاڳائڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصو وٺو! دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ هڪ ڪم آهي:  فجر جي لاءِ بيدار ڪرڻ. ياد رهي! نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائڻ آخري نبي، نبيء اُمِّي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّت آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي کان وابسته عاشقانِ رسول سرڪارِ عالي وقار مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّت تي عمل جي جذبي جي تحت صبح فجر جي نماز کان پهريان گهٽي گهٽي وڃي بلند آواز کان درود وسلام پڙھندي ۽ ماڻهن کي بستر ڇڏي نمازِ فجر جي لاءِ دعوت