Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪلمي طيّب جو ورد ڪرايو

صحابي رسول حضرت شداد بن اوس  رَضِیَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اسان صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهم الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي خدمت ۾ حاضر هئاسين، پاڻ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کان پڇيو: ہَلْ فِیْکُمْ غَرِیْب يعني توهان ۾ ڪو اجنبي ته ناهي(يعني هتي سڀئي صحابه ويٺا آهن، ڪو غير مسلم ته ناهي ويٺو)؟ اسان عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! اسان سڀئي مسلمان ئي آهيون، ڪوبه غير ناهي. رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: پوءِ دروازا بند ڪري ڇڏيو(جيئن ته دروازا بند ڪيا ويا)، هاڻي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِرْفَعُوْا اَیْدِیْکُمْ وَ قُوْلُوْا: لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ  يعني هٿ مٿي کڻو ۽ لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ پڙهڻ شروع ڪيو. حضرت شداد بن اوس رَضِیَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: اسان سڀني هٿ مٿي کنيا ۽ ڪلمي شريف: لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ   جو ورد شروع ڪري ڏنو. 


 

 



[1] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔