Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

صحيح جواب ڏنئي ته اسان سڀئي تنهنجي ڳالھ مڃينداسين، جيڪڏهن تون جواب نه ڏئي سگهين ته اسان توکي هتي ئي قتل ڪري ڇڏينداسين.

  حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا ولي الله، پائي جا عالمِ دين به هئا، پاڻ فرمايائون: جيڪو چاهيو پڇي سگهو ٿا! مان جواب ڏيندس.

   انهن ڪافرن جي وڏي عالم سندن کان 61 سوال پڇيا، حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اتي ئي بيهي انهن 61 سوالن جا  صحيح صحيح جواب ارشاد فرمايا. سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ کان بعد پاڻ فرمايائون: هاڻي توهان منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏيو! هي ٻڌايو! آسمانن ۽ جنت جي چاٻي ڪهڙي آهي؟ ڪافرن جي وڏي عالم چيو: آسمانن ۽ جنت جي چاٻي ڪلمو شريف لَا اِلٰہَ اِلَّاا للہُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اﷲ  آهي. بس! پنهنجي سڀني کان وڏي عالم جي زباني هي ٻڌي اتي ويٺل جيترا به ڪافر هئا سڀ جا سڀ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا، جنهن عبادت گاھ ۾ اهي جمع هئا، ان کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو.[1]

ڪلمي شريف جا تقاضا پورا ڪرڻ به ضروري آهن

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلمو شريف ڪيترو عظيم ڪلمو آهي، هي پاڪيزه ڪلمو جنت جي دروازي ۽ جنت جي تمام درجن جي چاٻي آهي. الله پاڪ اسان کي هن پاڪيزه ڪلمي تي استقامت نصيب فرمائي. هي ڳالھ چڱي طرح ياد رهي ته جنت ۾ وڃڻ جي لاءِ صرف ڪلمو شريف پڙهي وٺڻ ڪافي ناهي، هن جا تقاضا پورا ڪرڻ به ضروري آهن، جيئن ته حضرت زيد بن اَرقم رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن اخلاص سان لَا اِلٰہَ اِلَّا للہُ چيو، اهو جنت ۾ داخل ٿيندو. صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم عرض ڪيو:


 

 



[1] الروض الفائق ، المجلس السابع و الاربعون :فی مناقب الصالحین ،صفحہ:270 -273 ماخوذًا و ملتقطًا