Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

حضرت ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هن آيتِ مبارڪه ۾ پاڪيزه ڳالھ مان مراد لَااِلٰہَ اِلَّا اللہُ        آهي۔[1]

يعني ڪلمو شريف اهو پاڪيزه وڻ آهي جنهن جون پاڙون مسلمانن جي دل ۾ آهن، ان جون شاخون (يعني مسلمانن جون نيڪيون) آسمان تائين پهچنديون آهن. ٻيا وڻ ته اهڙا آهن جيڪي سال ۾ هڪ  ڀيرو يا ٻه ڀيرا ميوو ڏيندا آهن پر ڪلمو شريف اهو پاڪيزه ڪلمو آهي جيڪو پنهنجي پڙهڻ واري کي هر لمحي تازو ميوو ڏيندو آهي، ڪلمي شريف جي برڪت سان هر لمحي مسلمان کي تازگي ملندي آهي هر لمحي ان جو ايمان برقرار رهندو آهي، ان جي برڪت سان هر لمحي انسان الله پاڪ جي رحمتن جو مستحق بڻجندو رهندو آهي.

شفاعت جو مستحق ڪير..؟

سيپاري: 16 سورت مريم، آيت:87 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

لَا یَمۡلِکُوۡنَ الشَّفَاعَۃَ  اِلَّا مَنِ اتَّخَذَ عِنۡدَ  الرَّحۡمٰنِ  عَہۡدًا (ۘ۸۷)

(پارہ:16 ، سورۂ مریَم:87)

ترجموڪنزالعرفان: ماڻهو شفاعت جا مالڪ نه آهن پر اهي جن رحمٰن وٽ عهد رکيو آهي.

   هن آيت سڳوري ۾ فرمايو ويو: ڪوبه شفاعت جو مالڪ ناهي، نه ڪو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو، نه ڪنهن جي شفاعت ڪئي ويندي، ها! ڪو آهي جيڪو شفاعت ڪندو ۽ ان جي شفاعت به ڪئي ويندي اهو ڪير آهي؟ هي اهو خوش نصيب آهي جنهن جو ربّ پاڪ وٽ وعدو آهي. صحابي رسول سلطان المفسرين حضرت عبدلله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: هن  آيت ڪريم ۾ عهد مان مراد ڪلمي شريف(يعني) جي گواهي ئي ڏيڻ آهي.[2]


 

 



[1] تفسیر درِّ منثور،پارہ13 ،سورۂ ابراہیم ،زیرِ آیت:24 ،جلد:5 ،صفحہ: 20۔

[2] تفسیر درِّ منثور،پارہ13 ،سورۂ ابراہیم ،زیرِ آیت:24 ،جلد:5 ،صفحہ:20۔