Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

ڪلمو پڙهڻ کان بعد ان ڪا ڳالھ ڪئي ته پوءِ تلقين ڪيو جو ان جو آخري ڪلام لَا اِلٰہَ اِلَّاا للہُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اﷲ     هجي.[1]

ڪلمو شريف ايصال ثواب ڪيو!

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلمو شريف پاڻ به پڙهو ۽ خوب پڙهو! ۽ گڏوگڏ ئي هن مبارڪ ڪلمي جو ثواب پنهنجي مُڙدن کي به ايصال ڪيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون به وڏيون برڪتون آهن.

هڪ ڀيري سيّدي اعلي حضرت امام اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان ڪنهن پڇيو: هڪ شخص جي ڌيءَ جو انتقال ٿي ويو، ان پنهنجي نياڻي کي خواب ۾ بُري حالت ۾ ڏٺو. سيدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ڪلمو شريف 70 هزار ڀيرا درود شريف سان گڏ پڙهي ڪري بخشيو وڃي، اِنْ شَآءَ اللہ پڙهڻ واري ۽ جنهن کي بخشيو آهي، ٻنهي جي لاءِ نجات جو ذريعو ٿيندو ۽ پڙهڻ واري کي ٻيڻو ثواب ملندو ۽ جيڪڏهن ٻن کي بخشيندو ته ٽي ڀيرا وڌيڪ اهڙي طرح ڪروڙين بلڪه جميع مؤمنين و مؤمنات کي ايصال ثواب ڪري سگهي ٿو. انهي نسبت سان ان پڙهڻ واري کي ثواب ٿيندو.[2]

ڪلمو شريف بخشڻ  جي برڪت

حضرت شيخ اڪبر محي الدين ابن عربي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ هنڌ دعوت تي تشريف وٺي ويا، پاڻ ڏٺائون ته هڪ ڇوڪرو کاڌو کائي رهيو آهي،کاڌو کائيندي اوچتو روئڻ لڳو. روئڻ جو سبب پڇڻ تي چيائين منهنجي امڙ کي جهنم جو حڪم آهي ۽ ملائڪ ان کي وٺيو پيا وڃن. (ان شهر ۾ هي ڇوڪرو ڪشف ۾ مشهور


 

 



[1] بہارِ شریعت ،جلد:1 ،صفحہ:808 ،حصہ:چہارم بتغیر قلیل

[2] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت ،صفحہ: