Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat
يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪلمي شريف جو اخلاص ڇا آهي؟ فرمايو: هي ته ٻانهو الله پاڪ جي حرام ڪيل شين کان بچندو رهي.[1]
هڪ ڀيرو حضرت وهب بن مُنَبّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: ڇا ڪلمو شريف جنت جي چاٻي ناهي؟ فرمايائون: ڇونه (ڪلمو شريف جنت جي چاٻي آهي) پر هر چاٻي جا ڏند هوندا آهن، جيڪڏهن توهان انهن ڏندن کان سواءِ تالو کولڻ چاهيندؤ ته تالو نه کلندو.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيتري پياري مثال آهي يعني ڪلمو شريف چاٻي آهي ۽ نماز، روزو، حج، زڪوات وغِيره عبادتون هن چاٻي جا ڏند آهن، لهٰذا ان چاٻي جي ذريعي جنت جو تالو کولڻو آهي ته نمازون به پڙهيون پونديون. روزا به رکڻا پوندا، حج فرض هجي ته اهو به ادا ڪرڻو پوندو، زڪوات جون شرطون پاتيون وڃن ته زڪوات به ڏيڻي پوندي، باقي فرائض و واجبات به پورا ادا ڪرڻا پوندا، گناهن کان بچڻو پوندو. تڏهن جنت نصيب ٿيندي.
الله پاڪ اسان کي اخلاص سان ڪلمو شريف پڙهڻ، ان کي دل ۾سجائي رکڻ، ان جا تقاضا پورا ڪرڻ ۽ انهي مبارڪ ڪلمي سان قبر ۾ لهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
خدایا بُرے خاتِمے سے بچانا پڑھوں کلمہ جب نکلے دم یاالٰہی!
گناہوں سے بھر پور نامہ ہے میرا مجھے بخش دے کر کرم یاالٰہی!
تُلیں میرے اعمال میزاں پہ جس دم پڑے اِک بھی نیکی نہ کم یاالٰہی!
میں تھا لائقِ نارِ دوزخ خدایا دی جنّت ہے کتنا کرم یاالٰہی!