$header_html

Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad

روزو ٽوڙڻ واريون شيون

 * پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! کائڻ، پيئڻ يا همبستري ڪرڻ سان روزو ٽُٽي پوندو آهي جڏهن ته روزيدار هجڻ ياد هجي * پان يا رڳو تماڪ کائڻ سان به روزو ٽٽي پوندو آهي جيتوڻيڪ بار بار ان کي ٻاهر ٿڪنديون رهون، ڇو ته نڙيءَ ۾ ان جا سنها جُزا ضرور پهچندا آهن. * کنڊ وغيره اهڙيون شيون جيڪي وات ۾ رکڻ سان ڳري وينديون آهن اهي وات ۾ رکيون ۽ ٿڪ ڳيهي وي ته روزو ٽٽي پوندو. * ڏندن جي وچ ۾ ڪا شيءِ چڻي جي برابر يا ان کان وڏي رهجي وئي ان کي کائي ورتو يا ننڍي ئي هئي پر وات مان ڪڍي ڪري وري کائي ورتي ته روزو ٽٽي پيو. * ڏندن مان رت نڪري نِڙيءَ کان هيٺ لٿو ۽ رت ٿُڪَ کان وڌيڪ يا برابر يا گھٽ هيو پر ان جو مزو نِڙيءَ ۾ محسوس ٿيو ته روزو ٽُٽي پيو ۽ جيڪڏهن گھٽ هيو ۽ مزو به نِڙيءَ ۾ محسوس نه ٿيو ته روزو نه ويو۔ * گرڙي ڪري رهيون هيون بنا ارادي جي پاڻي نِڙيءَ کان هيٺ لٿو يا نڪ ۾ پاڻي چاڙهيو ۽ دماغ ڏانهن چڙهي ويو ته روزو ٽُٽي پيو پر جيڪڏهن روزيدار هجڻ ڀُلجي ويون هُجو ته نه ٽُٽندو جيتوڻيڪ ڄاڻي واڻي ٿئي۔ * ائين ئي روزيدار ڏانهن ڪنهن ڪا شيءِ اڇلائي، اها ان جي نِڙيءَ ۾ هلي وئي ته روزو ٽُٽي پيو۔ * وات ۾ رنگين ڌاڳا وغيره رکيا جنهن سان ٿُڪَ رنگين ٿي وئي پوءِ اها ئي رنگين ٿُڪَ ڳيهي ويؤ ته روزو ٽُٽي پيو * ڳوڙها وات ۾ هليا ويا ۽ توهان ڳيهي ويؤ۔ جيڪڏهن قطرو يا ٻه قطرا آهن ته روزو نه ويو ۽ وڌيڪ هئا ۽ ان جي چَهراڻ پوري وات ۾ محسوس ٿي ته ٽُٽي پيو۔ پگهر جو به اهو ئي حڪم آهي. ([1])

 ماھ رمضان جا فضائل ۽ روزي جي متعلق تفصيلي احڪام ۽ مسائل ڄاڻڻ جي لاءِ  شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه  جو مايه ناز ڪتاب ”فيضان


 

 



[1]...فیضان رمضان، صفحہ:131 تا132۔



$footer_html