Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
عمل جو وقت ناهي، حساب جو ڏينهن آهي. ([1])
حِرْصِ دُنیا نکال دے دِل سے بس رہوں طالِبِ رِضا یارَبّ!
ہائے حُسْنِ عَمَل نہیں پلّے حشر میں میرا ہو گا کیا یارَبّ!
خوف دوزخ کا آہ! رحمت ہو خاکِ طیبہ کا واسطہ یارَبّ!
دِل کا اُجْڑا چمن ہو پھر آباد کوئی ایسی ہَوَا چلا یارَبّ!([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جي قناعت
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جي آقا، مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زهد جي ڪهڙي نه شان آهي...!پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اَمِیْرُ الْمُؤْمِنِین هئا، خَلِیْفَةُ الْمُسْلِمِین هئا، تاج ۽ تخت سندن جو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چاهين ها ته عيش ۽ عشرت سان ڀرپور زندگي گذارين ها پر سندن زهد و تقوٰي واري، صبر ۽ قناعت واري زندگي گذارڻ کي پسند فرمايائون. حضرت سُوَيد بن غفله رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا ته مان امير المؤمنين، حضرتِ مولاءِ ڪائنات، عليُّ الۡمرتضيٰ، شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جي خدمتِ سراپا عظمت ۾ دارالامارة ڪوفي ۾ حاضر ٿيس، سندن آڏو جَوَن جي ماني ۽ کير جو هڪ پيالو رکيل هو، ماني خشڪ ۽ ايڏي سخت هئي جو ڪڏهن پنهنجي هٿن سان ۽ ڪڏهن گوڏن تي رکي ٽوڙي رهيا هئا، اهو ڏسي مون پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ٻانهيء فِضّه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کي چيو، توهان کي هنن تي ترس نه ٿو اچي؟ ڏسو ته سهي مانيءَ تي سِنور لڳل آهي، سندن لاءِ جَوَ شريف ڇاڻي ڪري نرم ماني پچائينديون ڪريو، ته جيئن گرهه ڀَڃڻ ۾ تڪليف نه ٿئي، حضرت فِضّه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا وراڻيو ته امير المؤمنين رَضِىَ اللهُ عَنْه اسان کان عهد ورتو