Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته امير المؤمنين حضرت مولاءِ ڪائنات، عليُّ الۡمرتضيٰ شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪنهن هنڌ ويٺا هئا، سندن کان ٿورو پري ڪافر بيٺا هئا، هڪ فقير انهن ڪافرسن وٽ آيو ۽ انهن کان ڪجهه گهريائين۔ انهن ڪافرن مذاق جي طور تي امير المؤمنين حضرت مولاءِ ڪائنات، عليُّ الۡمرتضيٰ شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏانهن اماڻي ڇڏيو۔ جيڪي سامهون ويٺا هئا۔ ان (يعني فقير) حاضر ٿي ڪري (ڪجهه گهرڻ لاءِ) هٿ وڌايو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏهه ڀيرا درود شريف پڙهي ان جي هٿن جي تِريءَ تي دم ڪري ڇڏيو ۽ فرمايائون، مٺ بند ڪري ڇڏيو ۽ جن ماڻهن توکي موڪليو آهي انهن جي سامهون وڃي کوليو۔ (ڪافر اهو منظر ڏسي ڪري کِلڻ لڳا ته خالي ڦوڪ هڻڻ سان ڇا ٿيندو!) پر جڏهن فقير انهن جي سامهون وڃي مٺ کولي ته اها هڪ دينار(سون جي سڪي)سان ڀريل هئي! هيءَ ڪرامت ڏسي ڪيترائي ڪافر مسلمان ٿي ويا ([1])
پئے حسین و حسن فاطمہ علی حیدر
ہمارے بگڑے ہوئے کام دے بنا یارَبّ!([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد