$header_html

Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad

آهي ته سندن لاءِ ڪڏهن جَوَ شريف ڇاڻي نه پچايا وڃن، ايتري ۾ امير المؤمنين رَضِىَ اللهُ عَنْه  مون ڏانهن متوجهه ٿيا ۽ فرمايائون اي ابنِ غفله! توهان هن ٻانهيءَ کي ڇا چئي رهيا آهيو؟ مون جيڪو ڪجهه چيو هو اهو کين عرض ڪيو ۽ التجا ڪئي  ته يا امير المؤمنين! توهان پنهنجي جان تي رحم فرمايو ۽ ايڏي تڪليف نه کڻو. تڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمايائون، اي ابنِ غفله! ٻنهي جهانن جي مالڪ ۽ مختار، مڪي مدني سرڪار، محبوبِ پروردگار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سندن اهل و عيال ڪڏهن به ٽي ڏينهن لڳاتار ڪڻڪ جي ماني پيٽ ڀري نه کاڌي ۽ نه ئي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لاءِ اٽو ڇاڻي پچايو ويو، هڪ ڀيري مدينہءِ منوره زَادَھَا اللهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۾ بُک ڏاڍو تنگ ڪيو ته مان مزدوريءَ لاءِ نڪتس، ڏٺم ته هڪ عورت مٽيءَ جي ڀترن کي گڏ ڪري انهن کي آلو ڪرڻ پئي چاهيو مون ان سان في ڏول هڪ کارڪ مزدوري مقرر ڪئي ۽ سورهن ڏول وجهي ڪري ان مٽيءَ کي آلو ڪيم، ايتري تائين جو منهنجي هٿن ۾ لِڦون پئجي ويون، پوءِ اهي کارڪون کڻي ڪري آءُ حضورِ اڪرم، نورِ مجسم، شاههِ بني آدم، رسولِ محتشم، شافع اُمم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ پورو واقعو بيان ڪيم ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به انهن مان ڪجهه کارڪون کاڌيون. ([1])

لباس جي سادگي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اميرالمؤمنين حضرت مولاءِ ڪائنات علي المرتضٰي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سادگي تي اسان جي جان قربان ٿئي. ڪيئي مصيبتون برداشت ڪرڻ جي باوجود زبان تي ڪڏهن شڪايت جو لفظ به نه آندائون. غذا سان گڏوگڏ سندن لباس به ڏاڍو سادو هوندو هو. هڪ ڀيري پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  جي خدمت ۾ عرض ڪئي وئي: اوهان پنهنجي قميص ۾ چتيون ڇو لڳائيندا آهيو؟ فرمايائون:  یَخْشَعُ الْقَلْبُ وَ یَقْتَدِی بِہِ الْمُؤْمِنُ هن سان دل ۾ خشوع پيدا


 

 



[1]... تذکرۃ الخواص ،الباب الخامس،صفحہ:112۔



$footer_html