$header_html

Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad

ٿيندو آهي ۽ هن سان ماڻهو مومن ٻانهي جي اقتداء ڪندا آهن. ([1])

سبحٰن الله ڪاش! حضرت علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جي صدقي اسان کي به زهد و تقوٰي جي دولت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان جي دل مان دنيا جي محبت نڪري، اسان دنيوي عيش و عشرت جي جڳهه  آخرت جي آرام ۽ سڪون جون طلبگار بڻجي وڃون.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

زهد اختيار ڪرڻ جي ترغيب

   حضرت نَوۡف بَڪالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته هڪ رات امير المؤمنين موليٰ مشڪل ڪشاء حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْه ٻاهر نڪتا ۽ تارن جي طرف ڏسڻ لڳا پوءِ فرمايائون: اي نَوۡف! ستا پيا آهيو يا جاڳيل آهيو؟ مون عرض ڪيو يا اميرالمؤمنين! جاڳي رهيو آهيان. فرمايائون: اي نَوۡف! دنيا ۾ زُهد اختيار ڪرڻ ۽ آخرت ۾ رغبت رکڻ وارن جي لاءِ خوشخبري آهي. هي ئي اُهي ماڻهو آهن جن(رهڻ جي لاءِ عاليشان مڪان تعمير ڪرڻ جي بدران خالي) زمين کي اختيار ڪيو، ان جي خاڪ کي پنهنجو وڇاڻو بڻايو ۽ ان جي پاڻي کي خوشبو تصور ڪري ورتو، تلاوتِ قرآن ڪريم ۽ دعا کي پنهنجي پهچان ۽ شعار بڻائي ورتو، دنيا کان حضرت عيسي روح الله عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم وانگر ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. (حلیۃ الاولیاء ،جلد:1،صفحہ:120۔)

زهد جا فائدا

 اميرالمؤمنين حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته نبي ڪريم


 

 



[1]...حلیۃ الاولیاء،جلد:1 ،صفحہ:124۔



$footer_html