Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
اسان ٿورو معاشري جو جائزو وٺون! معاشري جو جيڪو نقشو هن حديث شريف ۾ بيان ٿيو آهي، ڇا اهو سڀ ڪجھ اڄ ٿي ناهي رهيو....؟
* پياري آقا صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهو آخرت کان بي رغبت ٿي ويندا. اڄ ماڻهو آخرت جي فڪر کان پري آهن، ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد قبر ۽ آخرت جي ياد کان غافل آهي * سرڪار علي وقار صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهو دنيا کان محبت ڪندا، اڄ ماڻهن جي گهڻائي دنيا جي محبت ۾ گرفتار آهي * حضُور اڪرم صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهو وراثت جو مال ڳڙڪائي کائي ويندا، اڄ وراثت جي مال ۾ خيانت ڪئي پئي وڃي، ٻين جا حق پامال ڪيا پيا وڃن. مالِ وراثت جي حَقدارن کي سندن حقن کان محروم رکيو پيو وڃي * نبي ڪريم صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهو مال کان تمام گهڻي محبت ڪندا. اڄ ڏٺو وڃي ته مال جي محبت دلين ۾ رچي بسي چڪي آهي، مال جي محبت ۾ چوريون ڪيون وڃن ٿيون، ڌاڙا هنيا وڃن ٿا، ماپ تور ۾ ڪمي ڪئي ويندي آهي، مال جي محبت ۾ گناهن جو بازار گرم ڪيو ويندو آهي، وياج جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي، حرام ذريعن کان مال ڪمايو ويندو آهي، مطلب ته مال جي محبت دلين ۾ گهر ڪري چڪي آهي * رسول اڪرم صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهو دين کي بگاڙي ڇڏيندا، عهدي، منصب ۽ حڪومت جي طرف مائل ٿي ويندا. هي ڳالھ به اسان معاشري ۾ ڏسي سگهو ٿا. ايئن بلڪل ٿي رهيو آهي.
هاڻي ٿورو غور ڪيو، جيڪڏهن اڄ اسان جا آقا، موليٰ علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه هجن ها ته هُو ڇا ڪن ها؟ موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه پنج ڪم بيان ڪيا ته جيڪڏهن اهڙي زماني ۾ کين هجن ها ته پنج ڪم ڪن ها: (1) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: مان انهن( آخرت کي وسارڻ، دنيا کان محبت رکڻ ۽ دين ۾ فساد پکيڙڻ وارن) ماڻهن کي ڇڏي ڏيندس، تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته اسان اهڙن ماڻهن جي صحبت کان بچون، فڪر آخرت اپنائڻ وارن، قبر ۽ آخرت جي تيارين ۾ مصروف رهڻ وارن نيڪ پرهيزگارن جي صحبت اختيار ڪيون. (2) موليٰ علي