$header_html

Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad

عَلَيهمُ الرِّضْوَان مان سڀ کان وڏي عمر وارا اميرالمومنين حضرت علي المرتضٰي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه هئا.([1])

حضرت علي  رَضِىَ اللهُ عَنْه  جي خوب صورتي زهد هو

صحابيءِ رسول حضرت عمّار بن ياسر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڏينهن حضرت مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه  کي فرمايو: اي علي! الله پاڪ توکي  اهڙي خوبصورتي سان نوازيو آهي جو  هن کان وڌيڪ پسنديده سينگار سان ان ڪنهن کي ناهي سينگاريو ، اها الله پاڪ وٽ نيڪ ماڻهن جي زينت آهي يعني دنيا کان بي رغبتي.  پوءِ هاڻي نه دنيا کي توسان ڪو مطلب آهي، نه  توکي ان سان ڪو تعلق....! (اي علي رَضِىَ اللهُ عَنْه !) الله پاڪ توکي مسڪينن جي محبت عطا فرمائي آهي. ([2])

زهد هڪ خوبصورتي آهي

سبحٰن الله! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حديث پاڪ مان معلوم ٿيو : زهد (يعني دنيا کان بي رغبتي ) خوبصورتي آهي ۽ خوبصورتي به ڪهڙي ؟ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي خوبصورتي، اها خوبصورتي جنهن کي الله پاڪ پسند فرمايو آهي  ۽ مولا علي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شان تان قربان وڃجي! جو الله پاڪ کيس پنهنجي هن پسنديده خوبصورتي سان آراسته ڪيو آهي.

    ڪاش! اسان کي به دنيا کان بي رغبتي نصيب ٿي وڃي ! ڪاش! دل مان دنيا جي محبت نڪري وڃي ، الله ۽ رسول جي محبت دل ۾ ائين سمائجي جو ڪنهن ٻئي شيءِ جي لاءِ دل ۾ جڳهه ئي نه رهي.

حُبِّ دُنیا سے تُو بچا یارَبّ!                                                                                                                            عاشقِ مصطفےٰ بنا یارَبّ!

کاش! لب پر مرے رہے جاری                                                                                               ذِکْر آٹھوں پہر ترا یارَبّ!


 

 



[1]...احیاء علوم الدین ،کتاب الفقر و الزہد ،بیان تفضیل الزہد فیما ہو …الخ،جلد:4 ،صفحہ:290۔

[2]...حلیۃ الاولیاء ،جلد:1 ،صفحہ:113،حدیث:223۔



$footer_html