Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿيون.فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .
(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس * ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔ * جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
هڪ سيّد صاحب تنگ دستي ۾ مبتلا هو، اهو سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملڻ جي لاءِ ايندو هو ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ پنهنجي تنگ دستي ۽ غربت جي شڪايت به ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن اهو سيد صاحب تشريف کڻي آيو ته تمام گهڻو پريشان هو.
سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سمجهائڻ جو انداز مرحبا...!!پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪمال حڪمتِ عملي جي تحت سيد سڳوري کي سمجهائيندي فرمايو: صاحبزادا! هي ارشاد فرمايو ته جنهن عورت کي پيءُ طلاق ڏئي ڇڏي هجي ڇا اها پٽ لاءِ حلال ٿي سگهي ٿي؟ سيد سڳوري فرمايو: نه. ان تي سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: هڪ ڀيري اوهان جي جدّ اعلي، مسلمانن جي چوٿين