Shair e Khuda Ka Zuhad

Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad

وٺون، آخرڪار فنا ٿيڻو ئي پوندو، دنيا مان خالي هٿين وڃڻو ئي پوندو. اسان سڀئي اها ڳالهه ڄاڻون ٿيون پر افسوس! دنيا، مال ۽ دولت، هتان جي فاني نعمتن جي محبت اسان جي دلين ۾ گهر ڪري وئي آهي، افسوس! ڪاش اسان دنيا جي بدران آخرت جون طلبگار بڻجي وڃون. الله پاڪ فرمائي ٿو:

قُلۡ اَؤُنَبِّئُکُمۡ بِخَیۡرٍ مِّنۡ ذٰلِکُمۡ ؕ   لِلَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا عِنۡدَ رَبِّہِمۡ جَنّٰتٌ  تَجۡرِیۡ مِنۡ تَحۡتِہَا الۡاَنۡہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَا

ترجموڪنزالعرفان: (اي حبيب!) اوھان فرمايو، ڇا مان توهان کي انهن شين کان بهتر شيءِ ٻڌايان؟ (ٻڌو، اها هي آهي ته) پرهيزگارن جي لاءِ انهن جي رب وٽ جنتون آهن جن جي هيٺان نهرون جاري آهن انهن ۾ اهي هميشه رهندا.

يعني اي محبوب صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ماڻهن کي فرمايو! ته ڇا مان توهان کي دنياوي مال و دولت، سون چاندي، ڪاروبار، باغن، عمده سوارين ۽ بهترين مڪانن کان سٺي، عمده ۽ بهتر شيءِ ٻڌايان؟ ٻڌو اها الله پاڪ جي قرب جو گهر يعني جنت آهي، هن ۾ کير، شهد (ماکي)، پاڪيزه شراب جون نهرون وهي رهيون آهن، اها جنت پرهيزگارن جي لاءِ آهي ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. ([1])

آخرت جا طلبگار بڻجي وڃو...!!

مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت علي المرتضٰي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ٻڌي وٺو! بيشڪ دنيا منهن موڙي وڃي رهي آهي ۽ آخرت اچي رهي آهي، انهن ٻنهي جا طلبگار آهن، توهان دنيا جا طلبگار نه بڻجي وڃجو! آخرت جا طلبگار ٿجو...!!! بيشڪ اڄ عمل جو ڏينهن آهي، اڄ حساب ناهي، سڀاڻي


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، پارہ:3، سورۂ آلِ عمران، تحت الآیۃ:15، جلد:1، صفحہ:446 بتغیر قلیل ۔