Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
آہ! طغیانیاں گناہوں کی پار نَیّا مری لگا یارَبّ!
نفس و شیطان ہو گئے غالِب ان کے چُنگل سے تُو چُھڑا یارَبّ! ([1])
امت کي دنيا کان بي رغبتي جو حڪم
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
لَا تَمُدَّنَّ عَیۡنَیۡکَ اِلٰی مَا مَتَّعۡنَا بِہٖۤ اَزۡوَاجًا مِّنۡہُمۡ
ترجموڪنزالعرفان: پنهنجي نگاهه ان مال ۽ اسباب ڏانهن نه کڻو جنهن جي ذريعي اسان ڪيترن ئي قِسمن جي ڪافرن کي فائدو کڻڻ ڏنو آهي.
عالم سڳورا فرمائن ٿا: اهو حڪم اصل ۾ اسان جي لاءِ آهي، يعني اسان مسلمانن کي فرمايو ويو آهي ته اي محبوب صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا غلامو! توهان کي محبوب صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون نعمتون عطا ٿيون، توهان کي ايمان مليو، اسلام عطا ٿيو، قرآن ڪريم ڏنو ويو، اهڙي پياري محبوب صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دامنِ رحمت سان توهان نوازيا ويا، پوءِ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ انشاءَالله الڪريم ! توهان کي جنت جون هميشه رهڻ واريون نعمتون به عطا ڪيون وينديون، اهو سڀ ڪجهه ڪافرن کي ڪاٿي نصيب.......!! تنهنڪري ڪافرن کي مليل دنياوي، فاني مال و اسباب ڏانهن نگاهه نه کڻو! انهن کي هرگز لالچ وارين نظرن سان نه ڏسندا ڪيو!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اها حقيقت آهي! دنيا فاني آهي، اها جلد ئي فنا ٿي ويندي، هتي جيترو به عيش ڪري وٺون، جيترو به مال جمع ڪري