$header_html

Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad

صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شخص دنيا ۾ زهد اختيار ڪندو آهي الله پاڪ ان کي علم لدني سان نوازيندو ۽ بغير ڪنهن واسطي جي هدايت عطا فرمائيندو آهي، نور بصيرت عطا فرمائيندو ۽ ضلالت ۽ گمراهي کان بچائيندو آهي.(حلیۃ الاولیاء ،جلد:1،صفحہ:113 ،حدیث:225۔)

اي علي! توهان اُن وقت ڇا ڪندؤ....!!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!! اسان جڏهن زُهد، تقويٰ، دنيا کان بي رغبتي وغيره جو بيان ٻڌنديون آهيون ته شيطان دل ۾ وسوسا وجهندو آهي ته  هاڻي اهي حالات ناهن، دنيا بدلجي چڪي آهي، هاڻي هي ڪجھ نٿو ٿي سگهي، معاشري سان هلڻو پوندو آهي وغيره. اچو! هن وسوسي جي علاج جي لاءِ هڪ حديث پاڪ ٻڌون ٿيون: مسلمانن جا چوٿان خليفا، موليٰ علي مشڪل ڪشاء، شيرخدا رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا:  هڪ ڏينهن الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي، مڪي مدني صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي فرمايو: اي علي ! جڏهن ماڻهو آخرت کان بي رغبت ٿي ويندا، دنيا کان محبت ڪندا، وراثت جو مال ڳڙڪائي کائي ويندا، مال کان تمام گهڻي محبت ڪندا، دين کي بگاڙي ڇڏيندا ۽ حڪومت جي طرف مائل ٿي ويندا، ان وقت توهان ڇا ڪندؤ؟ حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو:  يارسول الله!  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مان انهن ماڻهن کي ۽ جيڪو انهن اختيار ڪيو انهن کي ڇڏي ڏيندس، مان الله پاڪ، ان جي رسول صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ آخرت کي اختيار ڪندس،(مرندي وقت تائين) دنيا جي مصيبتن ۽ آفتن تي صبر ڪندو رهندس، ايستائين جو اوهان سان اچي ملندس. هي ٻڌي ڪري پياري آقا مديني واري مصطفيٰ صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: تو سچ چيو. اي الله پاڪ! علي کي ايئن ئي ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.

 (کنز العمال ،کتاب الفتن و الاہواء  والاختلاف ،جلد:6 ،جز:11 ،صفحہ:125 ،حدیث:31516۔)

پیکرِ خوفِ خدا  اے عاشقِ خیرُ الورٰی                                                                                         تم سے راضی کبریا مولیٰ علی مشکلکُشا


 

 



$footer_html