Shair e Khuda Ka Zuhad

Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad

رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: ماڻهو ان وقت جيڪو اختيار ڪندا(يعني دنيا پرستي، آخرت کان بي فڪري، مال جي محبت، عهدي ۽ حڪومت جي محبت وغيره) مان انهن سڀني کي ڇڏي ڏيندس، تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته اسان انهن شين کان پيڇو ڇڏايون، مال جي محبت، دنيا جي محبت، آّخرت کان بي فڪري، عهدي ۽ منصب جي حرص وغيره دل مان ڪڍون، قبر ۽ آخرت جي تياري ڪيون، جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل اپنايون ۽ دل ۾ خوف خدا وڌائڻ جي ڪوشش ڪيون. (3) موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه چيو: مان الله ۽ رسول جي اطاعت اختيار ڪندس. هي به نهايت اهم ڪم آهي، اڄڪلھ هڪ سوچ پاتي وڃي ٿي ته

ہے جس طرف کی ہوا، اسی طرف کو چل

 يعني معاشرو جنهن طرف وڃي رهيو آهي، توهان به انهيءَ طرف هلو!‘ هي سوچ بلڪل غلط آهي، اسان جي لاءِ معيار معاشرو ناهي، اسان جي لاءِ معيار حالات ناهن، زمانو ناهي، ڪا قوم ناهي، اسان جي زندگي جو معيار، اسان جي لاءِ بهترين نمونو آقا ڪريم صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آهن. معاشرو جهڙو به هجي، حالات جيئن به هجن، اسان کي الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب  صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ئي ڪرڻي آهي. ٿورو غور ته ڪيو! جيڪڏهن معاشري ۾ وياج عام ٿي وڃي ته ڇا اسان به وياج جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳنديون سين؟ جيڪڏهن معاشري ۾ وڏا وڏا گناهه عام ٿي وڃن ته ڇا اسان به مَعَاذَاللہ! هي ڪم ڪرڻ لڳي وينديون سين؟ نه.....! هرگز نه. اسان هرحال ۾ الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪنديون سين. اسان ڪلمو معاشري جو نه بلڪه الله تعالي ۽ ان جي رسول جو پڙهيو آهي. اها ئي ڳالھ اسان کي موليٰ علي    رَضِىَ اللهُ عَنْه سمجهائي رهيا آهن ته جيڪڏهن معاشرو بگڙي وڃي، ماڻهو آخرت کي وساري ڪري دنياپرست بڻجي وڃن. دين ۾ فساد پکيڙڻ لڳن ته مان ان فتنن واري دور ۾ به ماڻهن جي پرواھ ڪونه ڪندس، معاشري جي پٺيان نه هلندس