Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
بلڪه الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب جي اطاعت ۽ فرمانبرداري اختيار ڪندس.
دل سے دنیا کی مَحبّت دور کرکے یاعلی! دیدو عشقِ مصطفےٰ مولیٰ علی مُشکل کُشا!
(4) موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه وڌيڪ فرمايو: (جڏهن ماڻهو آخرت کان غافل ۽ دنيا تي فدا ٿي رهيا هوندا) مان ان وقت دنيا کي نه بلڪه آخرت کي اختيار ڪندس. (5) ۽ هي سڀ ڪرڻ ۾ مشڪلات جو منهن ڏسڻو پوندو، جڏهن ماڻهو بگڙي ويندا، معاشري جو نقشو ئي بدلجي ويندو، اهڙي وقت ۾ آخرت جي فڪر ڪرڻ، الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪرڻ، سنتون اپنائڻ، دنيا کان بي رغبتي اختيار ڪرڻ نهايت مشڪل ڪم هوندو، ماڻهو طعنا ڏيندا، معاشري ۾ برو ڀلو چيو پئي ويندو ته ڇا ڪرڻو آهي؟ موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه چيو: يارسول الله صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مان هن مشڪلات ۽ آفتن جي گهڙين ۾ مرندي وقت تائين صبر ڪندو رهندس.
الله ! الله! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ هن پُرفتن دور ۾ اسان کي زندگي ڪيئن گذارڻي آهي، اسان جي سوچ، اسان جي فڪر، اسان جو انداز، اسان جو ڪردار ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ مولاءِ ڪائنات موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه اسان کي هڪ پورو نصاب ڏئي ڇڏيو آهي. ڪاش! اسان هن تي عمل ڪرڻ واريون بڻجي وڃون. ڪاش! اسان هي انداز اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي روزي جي متعلق چند مدني گل بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي.