Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
ایسی توفیق دے اِلتجا ہے یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مختصر تعارف
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه مسلمانن جا چوٿان خليفا آهن، پاڻ مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا، 10 سالن جي عمر مبارڪ ۾ اسلام قبول ڪيائون ([2])پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي والده محترمه سندن نالو حيدر جڏهن ته والد سندن نالو علي رکيو، رسول اڪرم صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کيس اَسَدُالله جي لقب سان نوازيو، اَسَدُ الله جي معنٰي آهي: شيرِ خدا يعني الله پاڪ جو شينهن.([3])
علی المرتضیٰ شیرِ خُدا ہیں کہ ان سے خوش حبیبِ کبریا ہیں
مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه مهاجرينِ اوّلين(يعني ابتدا ۾ ئي هجرت ڪرڻ وارا) ۽ عَشَرَه مُبَشّرَه (يعني اهي ڏهه خوش نصيب صحابه جن کي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نالو وٺي ڪري جنت جي بشارت ڏني، انهن) مان آهن. غزوه بدر، احد وغيره ۾ شريڪ ٿيا. ([4]) سندن شجاعت ۽ بهادري تمام گهڻي مشهور ۽ معروف آهي. مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شهادت کان بعد پاڻ مسندِ خلافت تي تشريف فرما ٿيا. ([5]) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 4 سال، 8 مهينا ۽ 9 ڏينهن تائين خلافت جون ذميداريون نهايت حسن و خوبي سان انجام ڏنيون. ([6]) 17 يا 19 رمضان المبارڪ سن 40 هجري جو هڪ خبيث خارجي جي