Book Name:Shair e Khuda Ka Zuhad
ڪيون، ڪڏهن، ڪاٿي، ڇا ڳالهائڻو آهي؟ ڪنهن کي ڪهڙي انداز ۾ سمجهائڻو آهي؟ ان تي غور به ڪيو ۽ اهي ڳالهيون سکندا به ڪيو. شيخِ طريقت اَمِيرِ اهلسنّت، حضرتِ علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي تمام زبردست ڪتاب آهي: نيڪي جي دعوت. ان ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جا فضائل، نيڪي جي دعوت نه ڏيڻ جا نقصان ۽ نيڪي جي دعوت ڪيئن ڏيڻي آهي؟ ان جا طريقا لکيا آهن، اها ڪتاب پڙهي وٺو! ان شآءَالله الڪريم! زبردست ۽ بااثر مبلغه بڻجڻ ۾ ڪافي مدد ملندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
بد کلامی نہ ہو، یاوہ گوئی نہ ہو بولوں میں کم سے کم، تاجدارِ حرم
وڌيڪ هن واقعي ۾ اسان جي سکڻ جي اها ڳالهه به آهي ته مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضٰي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جنهن کي دنيا ۾ ئي جنت جي خوشخبري ٻڌائي وئي، جن جا شهزادا يعني امام حسن و امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما جنتي نوجوانن جا سردار آهن، اهي ئي علي المرتضٰي، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جنهن جي در تان زماني جون جهوليون ڀرجن ٿيون، جيڪي مشڪل ڪشا به آهن، حاجت پوري ڪرڻ وارا به آهن، جيڪي هر مسلمان جا مولا(محبوب و مددگار) آهن، اهي ئي مولا علي، مشڪل ڪشا، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه دنيا کان ڪيتري قدر بي رغبتي رکن ٿا، جڏهن اسان جي هنن اڳواڻن دنيا ۽ ان جي محبت کي پسند نه ڪيو ته اسان کي به گهرجي ته دنيا جي محبت کي دل ۾ بلڪل به جڳهه نه ڏيون.
حُبِّ دُنیا میں دِل پھنس گیا ہے نفسِ بدکار حاوِی ہوا ہے
ہائے شیطاں بھی پیچھے پڑا ہے یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے
عشقِ احمد میں آنسو بہاؤں حُبِّ دُنیا سے خود کو بچاؤں