Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

جي حوالي سان فرمائن ٿا: سُبحان الله! ڇا ته  محبوب جي عظمت  ثابت ٿي جو پروردگارِ عالم کي پنهنجي محبوب جي شان ايتري قدر وڌائڻ منظور آهي جو ڪنهن کي اهڙي ڳالھ چوڻ جي اجازت نٿو ڏئي ته جنهن ڪلمي سان ٻئي کي بدگماني جو موقعو ملي. (شانِ حبیب الرحمان ، ص۳۶)

  یَارَسُوْلَ اللّٰہِ اُنظُرْ حَالَنَا                                                                                     طالبِ نظرِ کرم  بدکار ہے

یَاحَبِیْبَ اللّٰہِ اِسمَعْ قَالَنَا                                                                                   اِلتجاء یا سَیِّدَ الْاَبْرار ہے

                        اِنَّنِی فِی بَحرِْ ھَمِّ مُّغْرَقٌ                                                                ناؤ ڈانواں ڈَول دَر منجدھار ہے

خُذْیَدِیْ سَھِّلْ لَّنَا اَشْکَالَنَا      نا خُدا آؤ تو بیڑا پار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 علمِ غيبِ مصطفٰي

           اي عاشقانِ ميلاد! اچو هڪ ٻيو واقعو، آيتِ مبارڪه، ان جو شانِ نزول ۽ تفسير ٻڌون ٿا: جيئن هڪ ڀيري تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو ته ”منهنجي امت جي پيدائش کان پهريان جڏهن منهنجي امت مٽي جي شڪل ۾ هئي، ان وقت اها منهنجي سامهون پنهنجي صورتن ۾ پيش ڪئي وئي جيئن حضرت آدمعَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تي پيش ڪئي وئي ۽ مونکي علم ڏنو ويو ته ڪير انهن مان مون تي ايمان آڻيندو ۽ ڪير ڪفر ڪندو. اها خبر جڏهن منافقن وٽ پهتي ته انهن مذاق ڪندي چيو ته محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو گمان آهي ته اهي هي ڄاڻين ٿا ته جيڪي ماڻهو اڃان پيدا به ناهن ٿيا، انهن مان ڪير انهن تي ايمان آڻيندو ۽ ڪير ڪفر ڪندو، جڏهن ته اسان انهن سان گڏ رهون ٿا ۽ هو اسان کي سُڃاڻن نٿا. ان تي حضور سيدالمرسلين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منبر تي تشريف فرما ٿيا ۽ الله پاڪ جي حمد ۽ ثناء کانپوءِ فرمايو: انهن ماڻهن جو ڇا حال آهي جيڪي منهنجي علم تي اعتراض ڪن ٿا، اڄ کان قيامت تائين جيڪو ڪجھ ٿيڻ وارو آهي، انهن مان ڪا شيءِ اهڙي ناهي جنهن جو توهان مون کان سُوال ڪيو ۽ مان توهان کي ان جي خبر نه ڏيان۔ حضرت عبدالله بن حُذافه