Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

2۔   ڪعبي کي جيڪا اها عزت ملي ته تمام اولياء، غوثن ۽ قطبن ان جي طرف ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا اها محبوب جي صدقي سان ملي، انهن جي مرضيءَ ڪعبي کي قيامت تائين جي لاءِ قبلو بڻائي ڇڏيو. (شانِ حبیب الرحمان،ص۴۲)

آپ کا چاہا ربّ کا چاہا                               ربّ کا چاہا آپ کا چاہا

ربّ سے ایسی چاہت والے                   تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

ربّ کے پیارے راج دُلارے               ہم ہیں تمہارے تم ہو ہمارے

اے دامانِ رحمت والے                        تم پر لاکھوں سلام

 تم پر لاکھوں سلام

(سامانِ بخشش، ص۸۹-۹۰)

سڄي ڪثرت ماڻن هي ٿا

اي عاشقانِ رسول! هاڻي اسان ڪجھ واقعا، آيتون، تفسيري نڪات ۽ شان نزول جا واقعا ٻڌا، جن مان هر جڳهه سرورِ دوعالم، نورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ظاهر ٿي رهي آهي، هن ۾ شڪ ناهي ته جيڪڏهن قرآنِ ڪريم کي محبتِ رسول جي نظر سان ڏٺو وڃي ته سڄي جو سڄو قرآن  حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نعت  آهي، اچو! انهن جون وڌيڪ جهلڪيون ملاحظه ڪيون ٿا. 

الله پاڪ سيپاري 30 سوره ڪوثر آيت نمبر 1 ۾ هن طرح ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ(۱)

تَرجمو ڪنزُالايمان: اي محبوب بيشڪ اسان توکي بي شُمار خوبيون عطا ڪيون آهن.  (پ۳۰، الڪوثر:۱)

حضرت علامه مولانا مفتي محمد نعيم الدين مراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي حوالي سان فرمائن ٿا: (اي محبوب بيشڪ اسان توهان کي اڻ کٽ خوبيون عطا ڪيون آهن) ۽ کوڙ فضيلتون عنايت ڪري سڄي مخلوق تي