Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

ٻڌائيندڙ) تي اي ايمان وارؤ! ان (محبوب) تي درود پڙهو خوب سلام موڪليو.  (پ22،الاحزاب:56)

اي عاشقانِ رسول: خبر پئي ته * الله پاڪ ۽ ان جا ملائڪ نبي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود موڪليندا آهن.  * هي آيتِ مبارڪه سيدالمرسلين صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي صريح نعت آهي.  *اها به خبر پئي ته الله پاڪ پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي رحمت نازل فرمائيندو آهي ۽ ملائڪ به پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حق ۾ دعاءِ رحمت ڪندا آهن. * هن آيت ۾ ايمان وارن کي پياري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود ۽ سلام موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. * اهو به معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ڪو ڪم اهڙو آهي جيڪو الله پاڪ جو به هجي، ملائڪ به ڪندا هجن ۽ مسلمانن کي به ان جو حڪم ڏنو ويو هجي ته اهو صرف ۽ صرف آقاءِ دوعالم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود شريف موڪلڻ آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

  فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَاَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ  يعني چڱي نِيّت انسان کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿي. (جامع صَغِیر ، صفحہ:557، حدیث : 9326)

 اي عاشقانِ رسول! هر ڪم کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بڻايو، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! * علم دين سکڻ جي لاءِ بيان ٻُڌندس * خوب توجھ سان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، اُن تي عمل جي ڪوشش به ڪندس، * علمِ دين سکي ڪري، ٻين تائين پهچائي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ڪمائيندس.

اچّھی اچّھی نیّتوں کا ہو خدا جذبہ عطا                                                                                 بندۂ مُخلِص بنا، کر عَفْو میری ہر خطا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد