Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

ڪڏهن لذيذ ۽ پُرتڪلف کاڌن جي خواهش نه ڪئي. * رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مال ۽ دولت جي خواهش ڪونه رکندا هئا.

پيارا اسلامي ڀائرو! سنت مصطفيٰ تي عمل ڪيو، قناعت اختيار ڪيو. * قناعت ايمان جو ڪمال آهي، اسلام جو حسن آهي. * قناعت ڪرڻ وارو پاڻ کي دنيا کان بچائي ٿو، آخرت جي راھ تي هلندو  آهي. * قناعت ڪرڻ وارو الله پاڪ جو محبوب آهي. * قناعت ڪرڻ واري کان ماڻهو به محبت ڪندا آهن. (نضرۃ النعیم، جلد:8، صفحہ:3175). * امام شافعي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: قناعت مالداري جي اصل آهي.

   

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدِ نِالنَّبِیِّ الْاُمِّیِّ

 الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِالْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])

(2) سمورا گُناھ مُعاف


 

 



[1]افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا