Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

(توهان کي) افضل ڪيو، حسنِ ظاهر به ڏنو، باطني حسن به (عطا فرمايو)، نسبِ عالي به (ڏنو)، نبوت (جو اعليٰ رتبو) به، ڪتاب به (عطا فرمايو ۽)، حڪمت به، (سڀ کان وڌيڪ) علم به (ڏنو ۽) (سڀ کان پهريان) شفاعت (ڪرڻ جو اختيار) به، حوضِ ڪوثر (جهڙي عظيم نعمت) به (ڏني ۽) مقام محمود به، ڪثرتِ اُمّت به (اوهان جو حصو آهي ۽) دين جي دشمن تي غلبو به (اوهان کي عطا ڪيو) ۽ بي شمار نعمتون ۽ فضيلتون (اوهان کي اهڙيون عطا فرمايون) جن جي انتها ناهي۔ (خزائن العرفان،ص:۱۱۲۲،ملخصاً)

انهيءَ ڳالھ ڏانهن اشارو ڪندي امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

ربّ ہے مُعطِی یہ ہیں قاسِم                                 رِزق اُس کا ہے کِھلاتے یہ ہیں

اِنَّاۤ  اَعْطَیْنٰکَ الْکَوْثَر                                                                                                                       ساری کثرت پاتے یہ ہیں

(الاستمداد،ص۶)

حوضِ ڪوثر ڪنهن کي نصيب ٿيندو؟

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گهڻو ڪجهه عطا ڪيو ويو ۽ گهڻو ڪجهه عطا ڪيو ويندو. اچو ٻڌون ٿا ته حوضِ ڪوثر ڇا آهي! الله پاڪ اسان جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هڪ حوض عطا فرمايو آهي جنهن جو پاڻي کير کا وڌيڪ اڇو، ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو، مشڪ کان وڌيڪ خوشبودار آهي. جيڪو هڪ ڀيرو پيئندو وري ڪڏهن پياسو(اُڃارو) نه رهندو، حضور اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن سان پنهنجي امت کي سيراب فرمائيندا.

 (ڪتاب العقائد، ص 38 ملخصًا)

   قيامت جي ڏينهن جڏهن نَفسا نفسيءَ جو عالم هوندو ۽ گرميءَ جي شدت سبب ماڻهن جون زبانون سڪي ڪري ڪنڊا بڻجي چڪيون هونديون اهڙي وقت ۾ اهي ماڻهو خوش نصيب هوندا جن کي الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حوضِ ڪوثر سان سيراب ڪندو. روايتن ۾ اهڙين نيڪين جو بيان موجود آهي جن جي برڪت سان ڪوثر جو جام نصيب ٿيندو، انهن