Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

کي پنهنجي رب هئڻ جي قسم سان پختو ڪيو.

(3) (الله پاڪ) حضورِ اڪرمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻ واري کي ڪافر قرار ڏنو.

(4) رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حڪم دل ۽ جان سان مڃڻ ضروري آهي ۽ انهن جي باري ۾ دل ۾ به ڪا رڪاوٽ نه هئڻ گهرجي. انهيءَ ڪري آيت جي آخر ۾ فرمايو ته پوءِ پنهنجي دلين ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي حڪم جي متعلق ڪا رڪاوٽ نه لهو ۽ دل و جان سان تسليم ڪيو.

 

(5) هن مان اهو به معلوم ٿيو ته اسلامي احڪام جو مڃڻ فرض آهي ۽ انهن کي نه مڃڻ ڪفر آهي پڻ انهن تي اعتراض ڪرڻ. مذاق اڏائڻ ڪفر آهي.   (از تفسیرِ صراط الجنان، ۲/۲۳۹و ۲۴۰)

میں تو مالِک ہی کہوں گا کہ ہو مالک کے حبیب                       یعنی محبوب و مُحِبّ میں نہیں میرا تیرا

(حدائقِ بخشش،ص۱۶)

مختصروضاحت: يعني اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڇوته تمام جهان جي خالق ۽ مالڪ جا حبيب آهن، ايئن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام جهانن جا مالڪ ٿيا. ڇوته محب جي هرشيءِ محبوب ئي جي هوندي آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

خدا چاهي ٿو رضاءِ محمد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو هڪ ٻيو واقعو ۽ آيتِ ڪريمه شانِ نزول تفسير سان ٻڌون ٿا:

جيئن تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي ته جڏهن حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مدينه منوره ۾ تشريف کڻي آيا ته انهن کي بيت المقدس جي طرف منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي حڪم جي